نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ غير قانوني طور تي هلندڙ ڦٽاڪن جي فيڪٽري ۾ ڌماڪي سبب 4 ڄنا فوت ٿي ويا.

ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب اهو واقعو اولهه بنگال جي رياست جي ضلعي گنه جي ڦٽاڪن جي فيڪٽري ۾ صبح جي وقت پيش آيو.

ميڊيا رپورٽس موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ فيڪٽري جي ڀرسان موجود گھرن کي به نقصان پهتو، ڌماڪي ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا جڏهن ته مقامي انتظاميا طرفان وڌيڪ فوتگين جو خدشو به ظاهر ڪيو ويو آهي.

مقامي ماڻهن طرفان ٻڌايو ويو ته فيڪٽري ڪيترن ئي مهينن کان غير قانوني طور تي هلي رهي هئي، مقامي ماڻهن اهو الزام به لڳايو ته اها فيڪٽري پوليس ۽ سياستدانن جي ملي ڀڳت سان هلي رهي هئي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version