مصري عورت بي وفا مڙس کان طلاق تي نه رڳو جشن ملهايو پر روڊ تي بيهي رستي ويندڙ ۾ سون جا تحفا به ورهايا.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سوشل ميڊيا تي مصري عورت جي وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ کيس مڙس کان عليحدگي ۽ عدت کان پوءِ روڊ تي جشن ملهائيندي ڏٺو ويو ان دوران عورت رستي ويندڙن ۾ سون جا تحفا به ورهايا.

وڊيو ۾ عورت کي سجايل ڪيڪ سان گڏ بيٺي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڏٺو ويو، جشن ملهائيندڙ عورت جي ڪيڪ تي ”طلاق مبارڪ طلاق مبارڪ هجي” لکيل هو.

عورت ٻڌايو ته ان موقعي تي هن رستي ويندڙن ۾ سون جا تحفا ورهائڻ جو فيصلو ڪيو، مصري عورت اهو به چيو ته طلاق جو سبب ازدواجي بي وفائي هئي جيڪا آئون ڪڏهن به قبول نه ڪيان ها تنهنڪري آئون طلاق تي اداس ناهيان.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version