نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هڪ شخص پنهنجي گھر ۾ پليل ٻلي جي مُئل ٻچن کي کڻي ٿاڻي تي پهچي ويو، سندس چوڻ هو ته ان جو پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي ته جيئن ان کي ماريندڙن جي خبر پئجي سگھي.

ڀارتي شهر حيدرآباد جي ڀولڪپور علائقي ۾ هڪ انوکو واقعو پيش آيو. جتي هڪ شخص ٿاڻي تي وڃي پوليس کي شڪايت ڪئي ته ڪنهن سندس پالتو ٻلي جي ٻچن  کي زهر ڏئي ماري ڇڏيو آهي، اهو شخص پنهنجي پالتو ٻلي جي مُئل ٻچن کي گانڌي اسپتال کڻي ويو جتي هن ڊاڪٽر تي زور وڌيو ته ان مُئل ٻچن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب ان شخص پنهنجي گھر ۾ ٻلي جا ڏهه ٻچا پاليا هئا، جن مان سندس پاڙيسرين کي شڪايت هئي. هن ڄاڻايل شخص کي شڪايت ڪندي کيس تنبيهه به ڪئي هئي.

انهيءَ دوران ٻلي جي ڏهن ٻچن مان 6 ٻچن جو شڪي موت ٿي ويو، ان شخص الزام لڳايو ته ٻلي جي 6 ٻچن کي ڄاڻي واڻي زهر ڏئي ماريو ويو آهي، هو انهن مُئل ٻچن کي کڻي گانڌي اسپتال پهتو ۽ انهن جي پوسٽ مارٽم لاءِ ڊاڪٽرن تي زور ڀريو.

جنهن تي ڊاڪٽرن کيس چيو ته قانون موجب پوليس کي شڪايت ۽ پوءِ ڪيس داخل ٿيڻ بعد ئي انهن ٻچن جو پوسٽ مارٽم ٿي سگھي ٿو. جنهن تي ان شخص ٻلي جي ٻچي جي موت تي شڪ ظاهر ڪندي مشيرآباد ٿاڻي کي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version