واشنگٽن ڊي سي (پ ر)سانا جي پريس پڌرائي ۾ چيو ويو آھي سنڌ ۾ ڪجهھ مذھبي ڌريون ڄاڻي واڻي سنڌ جي پرامن ۽ صوفي سڃاڻپ کي داغدار بنائڻ لاءِ سنڌ اندر انتھاپسندي کي زور وٺرائي رھيون آھن. ضرورت ان ڳالھه جي آھي ته سڄاڻ ڌريون گڏ ٿي ان انتھاپسندي جي آڙاھ جو ڇيد ڪن، عوامي مزاحمت جي رستي جو تعين ڪن. سنڌ وومين لائرس الائنس، وومين ايڪشن فورم ۽ ھيومن رائٽس ڪميشن پاڪستان جي گڏيل ساٿ سان سانا پاران 12 آڪٽوبر ڇنڇر جي ڏيھن پريس ڪلب ڪراچي ۾ ”سنڌ ۾ وڌندڙ انتھاپسندي جي آڙاھ جي مزاحمت “ جي موضوع تي ھڪ ڊائلاگ جو بندو بست ڪيو آھي. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته صوبائي سطح تي ٿيندڙ ان ڊائلاگ ۾ جامي چانڊيو، انيس ھارون، سنڌو نواز گھانگھرو، ايڊوڪيٽ علي پلهھ، امر سنڌو، اقبال ڏيٿو، خضر قاضي ۽ شازيه نظاماڻي مقررن ۾ شامل آھن. جڏھن ته سانا جو صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو افتتاحي تقرير ڪندو. سانا طرفان ڊائلاگ کي فيس بڪ ۽ يوٽيوب تي لائيو نشر ڪرڻ جو بندو بست ڪيو ويو آھي ته جيئن آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ رھندڙ سنڌي اھو ڊائلاگ ڏسي سگھن. سانا جو موقف آھي ته سنڌي ماڻھن کي پنھنجي ڌرتي جي صوفياڻي، سيڪيولر، ۽ رواداريءَ واري سڃاڻپ بچائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.سانا طرفان وڌيڪ چيو ويو آھي ته آچر جي ڏينھن تين تلوار کان ڪراچي پريس ڪلب تائين نڪرندڙ سنڌ روادار مارچ جي مڪمل حمايت ڪندي سنڌ جي ماڻھن کي ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آھي.