لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ 7 ورهين جي معصوم ٻارڙي کي مبينا طور بدفعلي جو نشانو بڻائڻ جو واقعو پيش آيو آهي.
شهر جي مراد واهڻ پاڙي جي رهواسي عبدالمعيز پٽ عبدالحميد شيخ کي پاڙي جي اوباش نوجوان مبينا طور بدفعلي جو نشاڻو بڻايو، جنهن کانپوءِ متاثر نينگر کي سندس وارثن دڙي ٿاڻي تي آندو، جتي پوليس وارثن کي ميڊيڪل ۽ علاج لاءِ ليٽر جاري ڪري چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي اماڻي ڇڏيو.
ان موقعي تي نينگر جي امڙ روزينه شيخ صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته پاڙي جي اوباش نوجوان سيف الله ڀٽي پٽ کي بدفعلي جو نشانو بڻايو آهي، جنهن سبب سندس حالت خراب ٿي وئي آهي، اهڙي واقعي جو ڪيس اسان حد جي دڙي ٿاڻي تي ڄاڻايل جوابدار خلاف داخل ڪرايوسين، جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪري کيس گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو آهي.
هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پٽ سان بدفعلي ڪندڙ جوابدار کي سخت کان سخت سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version