اسلام آباد(منيب فاروق)” مارڌاڙ “واري ترميم ۾ سينيٽ ۾ 65 ووٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ 225 ووٽ پيا،مولانا فضل الرحمان ساٿ نه ڏئي ها ته رياستي طور تي پلان بي به موجود هو، ڦڙتي سان منظور ڪيل ترميم پاليسي شفٽ آهي،حڪومت ۽ ايجنسين وٽ ثبوت هئا ته نئون چيف جسٽس اچي ها ته گهڻو ڪجهه ٿيندو ۽ ڪجهه ججن جا پي ٽي آءِ سان رابطا هئا، ان سان گڏوگڏ سياسي ججن پاران اسٽيبلشمينٽ سان به رابطا ڪري خاطريون ڪرايون ويون ته حڪومت کي گهر ڀيڙو نه ڪيو ويندو، اليڪشن جي آڊٽ نه ٿيندي،  اها ترميم اڃا شروعات آهي، پارٽي اڃا شروع ٿي آهي، 27هين ترميم به ايندي،28هين ترميم جي ضرورت پئي ته اها به ايندي،پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ کان روڪڻ لاءِ آرٽيڪل 87 جو اسڪوپ به تبديل ڪيو ويو آهي،مخصوص سيٽون حڪومتي ڌر حوالي ٿيون ته پوءِ مارڌاڙ جي ضرورت پيش نه ايندي،فوجي عدالتن جي حوالي سان ترميم به ضرور ايندي،ان جو ڊرافٽ تيار آهي،ان لاءِ مڪمل پيش بندي ڪئي وئي آهي،نظام کي سڌارڻ لاءِ هاڻي پي ٽي آءِ لاءِ ڪو به رليف نظر نه پيو اچي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version