ڪراچي ( رپورٽر) پورهيت مزاحمت تحريڪ پاران سنڌو درياءَ مان نوان ڪينال ڪڍڻ ، ڊاڪٽر شاهنواز جي قاتلن جي گرفتاري، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ خلاف آرٽس ڪائونسل ڪراچي کان ايڊووڪيٽ مسرور شاهه، وهاجت جاگيراڻي، خالق جوڻيجو، ناصر منصور، سارنگ جويو ۽ ايڊوڪيٽ عمار حسيب جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پنجاب سنڌ جي بچيل پاڻي تي به ڌاڙو هڻڻ جي سازش ڪري رهيو آهي، جنهن دهشتگردي خلاف عالمي ادارا ترت نوٽيس وٺن. هنن چيو ته سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪري سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ڪري رهيا آهن ۽ سنڌ ٻنهي پاسن جي ڪشمير کان بدتر غلامي ۾ جڪڙيل آهي. هنن مطالبو ڪيو ته سنڌو مان ڪنهن به قسم جو ڊيم يا ڪينال نه ڪڍيو وڃي، ڪراچي پريس ڪلب آڏو رواداري مارچ مٿان حڪومتي تشدد ڪيو ويو جنهن جي خلاف ڪو اطمينان جوڳو قدم کنيو وڃي، ڊاڪٽر شاهنواز جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، سنڌ جون زمينون هائوسنگ سوسائٽيز ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي وڪرو ڪرڻ بند ڪيون وڃن ،اهي زمينون اتي رهندڙ سوين سالن کان آباد ماڻهون کي ڏنيون وڃن سنڌو درياه جي قدرتي وهڪري کي بحال ڪري ارسا ايڪٽ ترميمي بل واپس ورتو وڃي،هنن چيو ته ارسا ايڪٽ م ترميم ڪري پاڻي جي ورهاست وفاق حوالي ڪري سنڌو درياه کي مڪمل تباه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، سنڌو درياهه سنڌ جي لاءِ جيئڻ مرڻ جو مسئلو آهي اسان جي جياپي جو ذريعو آهي، جنهن کي هٿ وٺي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم ڪري غير قانوني طريقي سان 6 ڪئنال سنڌو درياهه مٿان ڪڍيا پيا وڃن آهي ڪارپوريٽ فارمن جي زمينون ڏنيون ويون آهن چولستان ۾ انهن کي آباد ڪرڻ لاءِ اهي ڪئنال سنڌ کي برباد ۽ تباھ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي. هنن وڌيڪ چيو ته اسان ان خلاف سخت مزاحمت ڪرڻي پوندي سنڌو درياهه مٿان جيڪو هي ڌاڙو آهي ان جي خلاف سياسي تحريڪون هلائڻ جي ضرورت آهي ان سواءِ ٻيو ڪوبه حل ناهي. هنن وڌيڪ چيو ته هي رياست هل ڪالونيل رهاست آهي هي جمهوري رياست ناهي، سنڌ ان ۾ڪالوني بڻجي وئي آهي، سنڌ اندر هر روز ڪو نه ڪو مسئلو ٿئي ٿو جيڪو سنڌ جي وجود سان تعلق رکندڙ آهي، ڌرين جي آبادڪاري، سنڌو درياهه مٿان بند ٻڌي ان ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ڪڏهن سنڌ ۾ مذهبي انتهاپسندي کي وڌايو پيو وڃي انهن سڀني مسئلن جي خلاف محب وطن سنڌي ماڻهن اٿي بيهي رهيا آهن، سنڌي ماڻهو تشدد ڪرڻ سبب پنهنجي حقن تان پوئتي هٽن وارو ناهي، اها جدوجهد جاري رهندي هن رياستي سسٽم خلاف ۽ ڪامياب ٿيندي.