ڪراچي (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري پنهنجي ٽئين پٽ جو نالو رکي ڇڏيو.
بختاور ۽ سندس مڙس انسٽاگرام تي گڏيل پوسٽ شيئر ڪئي، جنهن ۾ هنن ٻڌايو ته اسان ننڍڙي پٽ جو نالو رکي ڇڏيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ ٻڌايو ته مان پنهنجي ننڍي شهزادي جو نالو پنهنجي ناني سان منسوب ڪندي ”مير ذوالفقار محمود چوڌري“ رکيو آهي.
ان سان گڏوگڏ جوڙي پنهنجي پٽ جي حق ۾ دعا ڪندي لکيو ته ان پاڪ پروردگار جي نالي سان جيڪو وڏو مهربان ۽ رحم ڪرڻ وارو آهي، اهو نالو ان جي حق ۾ بهتري، برڪت، سٺي صحت ۽ خوش قسمتي آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version