اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بئنڪ (اي ڊي بي) پاڪستان جي شهري آبادي ۾ واڌ بابت رپورٽ جاري ڪري ڇڏي.
اي ڊي بي جي رپورٽ موجب پاڪستان جي شهري آبادي ۾ سالياني بنيادن تي 3.65 سيڪڙو جي شرح سان واڌ ٿي رهي آهي، ان حساب سان 2030 تائين پاڪستان جي شهري آبادي 99.4 ملين ٿي ويندي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2023 جي مردم شماري موجب پاڪستان جي آبادي جي شرح 2.55 سيڪڙو آهي، 2023 جي مردم شماري موجب هن وقت پاڪستان جي شهري آبادي 93.8 ملين ٿي چڪي آهي.
ايشيائي ترقياتي بئنڪ پنهنجي رپورٽ ۾ پاڪستان ۾ پائيدار شهري ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ تي به زور ڏنو آهي.
اي ڊي بي موجب آبادي جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ معاشي حالت غير يقيني آهي، جڏهن ته 2020 کان 2021 دوران آبادي وڌڻ جي رفتار ۾ گهٽتائي آئي آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version