اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو دائرو وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، بي آءِ ايس پي هولڊرز جو انگ هڪ ڪروڙ تائين کڻي وڃڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
بي آءِ ايس پي ذريعن موجب ڪارڊ هولڊرز جو موجوده انگ 92 لک جي لڳ ڀڳ آهي، هاڻ ان ۾ وڌيڪ 8 لک ماڻهن کي شامل ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ان سلسلي ۾ چئني صوبن جي مخصوص ضلعن ۾ ڊائنامڪ سروي جاري آهي، ڏورانهن علائقن ۾ آفيسون قائم ڪيون پيون وڃن، ان ڊائنامڪ سروي ۾ بلوچستان جي ماڻهن کي خاص رعايت ملي رهي آهي.
ڊائنامڪ سروي ذريعي وڌيڪ ماڻهو بي آءِ ايس پي ۾ شامل ڪيا ويندا، سروي ۾ حقدار عورتن ۽ انهن جي ٻارن جي رجسٽريشن جاري آهي، سنڌ، بلوچستان جي ڏورانهن علائقن ۾ موبائل رجسٽريشن وهيڪلز موڪليون پيون وڃن.