اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته جنرل (ر) فيض حميد جي حوالي سان ڳالهيون هلي رهيون آهن، ان موقعي تي ماڻهو چئي رهيا آهن ته هن پنهنجون حدون اورانگهيون پر اهو رڳو جنرل فيض حميد ئي ته ناهي، خبر ناهي ڪيترا برگيڊيئر، ڪرنل ۽ جنرل اهڙا آهن جيڪي ريٽائرڊ آهن ۽ اڃا به اهي حرڪتون ڪري رهيا هوندا.

هن چيو ته پوءِ ته هي هڪ شخص جو مسئلو نه ٿيو، مسئلو اهو ٿيو ته ان قسم جي طرز عمل کي تبديل ڪرڻو پوندو. اهڙي ريت بيوروڪريٽس ۽ عدالت کي اهو ڪم ڪرڻو پوندو جيڪو آئين کين چوي ٿو جيڪڏهن عدليه پنهنجي حدن کي پامال ڪندي ته ان سان ڏڦيڙ پکڙبو، فوج جا ماڻهو ڪندا ته به فساد ٿيندو.

حافظ نعيم الرحمان موجب جيڪڏهن سياستدان وقتي مفاد لاءِ بوٽ پاليش ڪندا، يعنيٰ جڏهن پاڻ تي ڏکيو وقت ايندو ته اسٽيبلشمينٽ کي گاريون ڏيڻ شروع ڪندا ۽ پوءِ ان ئي اسٽيبلشمينٽ سان ٺاهه ڪري رستا تيار ڪندا ۽ اقتدار ۾ اچڻ لاءِ سوديبازي ڪندا.

پوءِ اهي سياستدان پاڻ پنهنجي اندر جمهوريت کي وڌڻ نٿا ڏين، فيملي انٽرپرائزز، شخصيتن موجب سڀ ڪجهه هلندو آهي، هتي جمهوريت ناهي ۽ نه ئي اهي جمهوريت کي پسند ڪن ٿا، سڀني کي پنهنجي آئيني حدن ۾ وڃڻو پوندو.

هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ بدامني آهي، سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيل راڄ آهي، بلوچستان ۾ ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، بلوچستان جو سڀ کان وڏو مسئلو گم ٿيل ماڻهو آهن. گم ٿيل ماڻهن جو مسئلو فوري حل ٿيڻ گهرجي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version