اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزا فاطمه پاڪستاني نوجوانن کي روزگار جي حوالي سان خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
شزا فاطمه يوٿ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده دور ۾ آءِ ٽي جو ڪردار زندگي جي هر شعبي ۾ آهي، پاڪستان جي آبادي جو وڏو حصو نوجوانن تي ٻڌل آهي، ملڪي ترقي لاءِ نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي.
هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي آءِ ٽي شعبي ۾ تربيت ڏيڻ جي ڌيان ڏئي رهي آهي، ڊجيٽل اسڪلز کي هٿي لاءِ بجيٽ ۾ وڏي رقم رکي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪوريا سان گڏجي پهريون آءِ ٽي پارڪ ٺاهي رهيا آهيون، جنهن سان روزگار جا 10 هزار موقعا پيدا ٿيندا، آءِ ٽي پارڪ ڪراچي ۾ ٺهندو، ڪوشش آهي ته جلد مڪمل ٿئي.
شزا فاطمه چيو ته سڄي ملڪ ۾ اي روزگار سينٽر کوليا پيا وڃن، هلندڙ سال 250 اي روزگار سينٽر کوليا ويندا.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version