راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) ڪهوٽا کان راولپنڊي ويندڙ مسافر بس حادثي جو شڪار ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 29 ڄڻا فوت ٿي ويا.
مقامي ذريعن موجب حويلي ڪهوٽا کان راولپنڊي ويندڙ بس کاهيءَ ۾ ڪِري پئي، حادثي ۾ 29 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿيو.
پوليس ٻڌايو ته بس ۾ 30 ڄڻا سوار هئا، حادثي ۾ فوت ٿيلن ۽ زخمي جو واسطو آزاد ڪشمير سان آهي.
مقامي ذريعن جو چوڻ آهي ته مسافر بس سان حادثو پانه پل ڀرسان پيش آيو پر حادثي جا ڪارڻ اڃا تائين معلوم ناهن ٿي سگهيا.
ذريعن موجب جابلو علائقو هجڻ سبب مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت فوتين جا مڙهه ۽ زخمي کي بس مان ڪڍيو.
هوڏانهن وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز حادثي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي سوڳوار خاندانن سان همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version