اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد ريگيوليٽري اٿارٽي نجي ليب مان منڪي پاڪس ٽيسٽ جي معاملي تي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
اسلام آباد هيلٿ ڪيئر ريگيوليٽري اٿارٽي پمز اسپتال طرفان نجي ايئر لائن جي ايئرهوسٽس جي ٽيسٽ نجي ليبارٽري مان ڪرائڻ جي معاملي تي چيو ته گذريل ڏينهن پمز اسپتال ۾ منڪي پاڪس جي شڪي مريض عورت جي ٽيسٽ اسلام آباد جي نجي ليبارٽري مان ڪرائي وئي هئي.
اٿارٽي موجب نجي ليبارٽري عورت جي نڪ ۽ ڳلي جو سيمپل ورتو، جيڪو غلط طريقي ڪار آهي، منڪي پاڪس ٽيسٽ لاءِ سيمپل جِلد تي موجود داڻن ۽ زخمين مان ورتا ويندا آهن.
اٿارٽي چيو ته منڪي پاڪس جا سيمپل رڳو صحت جي قومي اداري اسلام آباد ۾ ٽيسٽ ڪري سگهجن ٿا.
اسلام آباد هيلٿ ڪيئر ريگيوليٽري اٿارٽي ان سلسلي ۾ سڀني اسپتالن ۽ ليبارٽرين کي حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version