ڪراچي
ايسٽ رپورٽر لالا اشفاق ڀاڳت
ڪراچي تعلقي سوڀوديرو جي پريمي جوڙو ملير ڪورٽ پھچي پسند جي شادي ڪري ڇڏي
تعلقي سوڀوديرو جي ڳوٺ ملدسي سولنگي جي رھواسين زبير علي سولنگي ۽ صنم خاتون سولنگي ڪراچي جي ملير ڪورٽ ۾ پسند جو پڙڻو ڪري ڇڏيو پريمي جوڙي کي پسند جي شادي ڪرڻ تي صنم خاتون جي وارثن پاران موتمار ڌمڪيون پڙيمي جوڙي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان پنهنجي راض خوشي سان پسند جو پڙڻو ڪيو جنهن تي ھاڻي صنم خاتون جا ڀائر امتياز ديدار ۽ ان جا سئوٽ سعيد سولنگي ۽ شوڪت اسان کي مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ ڪلھ سوڀوديرو پوليس ايس ايڇ او اسلم دايو اسان جي گھرن تي بنا جواز چڙھائي ڪري اسان جو چوپايو مال ڪاھي ٿاڻي اندر بيھاري ڇڏيو آهي اسان ايس ايس پي خيرپور وس وارن ۽ اعلا آفيسرن کان مطالبو ڪيو ٿا ته اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي ته جئين اسان پنهنجي زندگي سڪون سان گذاري سگھون

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version