ڌاٻيجي رپورٽر
سنڌ جي راجداني شھر ڪراچي کي پاڻي سپلائي ڪندڙ ڪراچي واٽر بورڊ جي ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جو بريڪ ڊائون ھڪ ئي وقت ۾ 2 لائنون ڌماڪي سان ڦاٽي پيون ڪراچي کي پاڻي سپلائي معطل

ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن لڳ ڪراچي واٽربورڊ تي بجلي جي بريڪ ڊائون سبب 72 انچ قطر جي پنج نمبر ۽ ھڪ نمبر لائن پاڻي جي بيڪ پريشر سبب ڌماڪي سان ڦاٽي پيون جنهن سبب ڪراچي جي مختلف علائقن کي پاڻي جي سپلائي معطل ٿي وئي

لائنون ڦاٽڻ سبب پاڻي ڌاٻيجي پمپ ھائوس ‚ پمپ ھائوس ڪالوني ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ ڪاھي پيو علائقي ۾ خوف واري صورتحال

پاڻي جو تيز پريشر ھجڻ سبب ڌاٻيجي پمپ ھائوس ۽ قومي شاهراھ جي عارضي طور زميني رابطو ڪٽجي ويو

پاڻي جو پريشر تمام وڌيڪ آهي مڪمل پاڻي جي نيڪالي بعد مرمتي ڪم شروع ڪيو ويندو لائن نمبر پنج جو جو مرمتي ڪم 24 کان 36 ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو ويندو جڏنھن ته لائن نمبر ھڪ سيمنٽ جي لائن ھجڻ سبب 7 کان 8 ڏينهن ۾ مرمتي ڪم مڪمل ٿيندو ڌاٻيجي پمپ ھائوس ايگزيڪيٽيو انجينئر

ھڪ وقت ۾ 2 لائنون ڦاٽيو آهن جنهن سبب 8 پمپ بند آهن مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ بعد لائن نمبر 5 جي سپلائي جلد بحال ڪئي ويندي لاي

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version