پيروسڻ رپورٽ ساقي نديم شر
پيروسڻ ڀرسان ٽنڊوميرعلي پريس ڪلب جو صدر ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جو رپورٽر عبدالطيف شر آنڊي جي بيماري م مبتلا اسپتال داخل آنڊي م خرابي آھي مالي حالت سهي نه هجڻ سبب وڌيڪ ذاتي خرچ تي علاج نٿو ڪرائي سگهان لطيف شر :
پيروسڻ ڀرسان ٽنڊوميرعلي پريس ڪلب جو صدر پنهنجي اخبار ۽ ٽائيم نيوز جو رپورٽر عبدالطيف شر بيماري جي بستري تي پيل هڪ مهيني کان گمبٽ راڻيپور ۽ ٻين مختلف اسپتالن جا چڪر ڪاٽي هن وقت لاڙڪاڻو جي هڪ خانگي اسپتال م زير علاج آهي سنڌ حڪومت توڙي صحافتي تنظيمن سميت ڪنهن به سار نه لڌي سندس جي پٽ راشد لطيف ڳالهائيندي چيو ته تازين برساتن سبب گهر به ڊهي ويو هن وقت ٽنڊوميرعلي جي هڪ ڪرائي جي گهر م رهندا آھيون ۽ ڪافي عرصي کان بابا جي طبيعت بهتر نه پئي ٿئي مختلف اسپتالن جا چڪر ڪاٽي مجبور ٿي پيا آھيون 2 لک کان وڌيڪ خرچ گهران ڪري چڪا آھيون پر سندس جي طبيعت م ڪوبه سڌارو ناهين اچي سگهيو بابا سڄي عمر صحافت کي ارپي ڇڏي هئي هاڻ سندس تي ڏکيو وقت آيو آھي ٻئي پاسي ڪنهن به صحافتي تنظيم سندس جي سار ناهين لڌي هنن سنڌ حڪومت سميت وس وارن کان اپيل ڪئي آھي ته صحافي عبدالطيف شر جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو وڃي جيئن سندس جي حياتي بچي پوي

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version