ملير() پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ ۽ اپوزيشن ليڊر سنڌ حليم عادل شيخ چيو آهي ته عمران خان سنڌ کي آزادي ڏيارڻ لاءِ اچي رهيو آهي پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ زرداري مافيا کان سنڌ کي آزادي جي ضرورت آهي ۽ سنڌ ۾ ملير کي آزادي جي وڌيڪ ضرورت آهي، سڄي سنڌ م ڀليڪار عمران خان مهم شروع ڪئي پئي وڃي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وڃي سنڌ جي مظلوم عوام کي حق ڏيارڻ لاءِ ويلڪم عمران خان جي عنوان هيٺ جلسا ڪيا ويندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌي مسلم سوسائٽي ملير ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو، حليم عادل شيخ چيو ته موجوده حڪومت ظلم ۽ بربريت جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، پي ڊي ايم جي حڪومت ضيا الحق ۽ مشرف جي مارشل لاءَ کان بدترين حڪومت آهي جيڪو حق سچ ڳالهائي ٿو ان کي يا ته ماريو ٿو وڃي يا وري جيلن ۾ قيد و بند ڪيو ٿو وڃي، هن چيو ته عمران خان اسان جي ۽ توهان جي ٻارن جي مستقبل جي جنگ وڙهي رهيو آهي، عوام کي گهرجي ته غلامي جون زنجيرون ٽوڙي عمران خان جو ساٿ ڏئي ملڪ کي حقيقي آزادي ڏيارڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي حليم عادل شيخ چيو ته پي ٽي آءِ جي ايم پي اي ارسلان تاج کي بنا ڪنهن ڏوهه جي گهر ۾ گهڙي تشدد جو نشانو بڻائي گرفتار ڪري گم ڪيو ويو آهي ارسلان تاج جو ڏوهه اهو آهي ته هو عمران خان جو شيدائي آهي، هن چيو ته عمران خان جي جانثار ظل شاهه کي عمران خان سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قتل ڪيو ويو آهي آئون ظالم حڪمرانن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته اوهان ڪيترا ظل شاهه ماريندا، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام عمران خان سان محبت ڪري ٿي، توهان کي 22 ڪروڙ عوام کي مارڻ لاءِ ايٽم بم هڻڻو پوندو، حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته گذريل 15 سالن کان سنڌ تي زرداري مافيا جو راڄ آهي سنڌ جي عوام پيئڻ جي پاڻي، تعليم، صحت ۽ ٻين بنيادي سهولتن کان محروم آهي، سنڌ جو عوام هڪ ويلي جي ماني لاءِ پريشان آهي پر حڪمران عياشين ۾ غرق آهن عوام جو ڪوبه خيال نه آهي سنڌ جي عوام کي هاڻ سجاڳ ٿيڻ گهرجي، سنڌ جي عوام عمران خان جو ساٿ ڏئي غلامي مان آزادي حاصل ڪري نه ته ٻي صورت ۾ ظلم ۽ بربريت سندن مقدر بڻجي ويندو، جلسي کي خطاب ڪندي اڳوڻي ايم پي اي حاجي مظفر شجراع چيو ته ملير واسين هميشه پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آندو آهي بدلي ۾ ملير کي تباهي ۽ بربادي کانسواءِ ڪجهه به نه مليو آهي، ملير واسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ به پريشان آهن، ملير کي ٻنهي هٿن سان ڪرپشن ڪري ڦريو لٽيو ويو آهي، ملير جا ڳوٺ کنڊرات ۾ تبديل آهن ملير واسين کي ڪرپٽ حڪمرانن مان نجات ڏيارڻ لاءِ عمران خان اچي رهيو آهي، عمران خان جو ساٿ ڏئي غلامي مان نجات حاصل ڪئي وڃي، جلسي کي پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر مسرور سيال، ايڊوڪيٽ ابراهيم ابڙو، طاعوس خان ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، ان موقعي تي مختلف پارٽين ۽ برادرين سان تعلق ر کندڙ سوين ماڻهن ۽ ڪارڪنن پي ٽي آءِ ۾ شموليت ڪئي.