ڀرياسٽي رپورٽ شرف الدين ڪيريو
ڀرياسٽي ڀرسان گورنمنٽ پرائمري اسڪول مھوال ميتلو بنيادي سھولتن بلڊنگ پيئڻ جو صاف واش روم توڙي ٻين سھولتن کان محروم آھي ان سلسلي ۾ استادن توڙي ڳوٺاڻن ممتاز ميتلو استاد گلڻ نارائي استاد نصير سولنگي ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته تازين برساتين سبب اسڪول ٽٽي پيو آھي جنھن سبب 100 کان وڌيڪ معصوم ٻارڙا کليل آسمان ھيٺ تعليم پرائڻ تي مجبور آھن جڏھن ته اسڪول ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي باٿ روم جي پڻ سھولت ناھي ھنن ٻڌايو ته برسات ختم ٿئي 8 مھينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آھي ان باجود ضلعي انتظاميا برساتي پاڻي نيڪال ناھي ڪرايو چونڊيل نمائندن پڻ ڪا سار ناھي لڌي علائقي اندر 4 کان 5 فوٽ برساتي پاڻي بيٺل آھي جنھن سبب رھواسي عذاب واري زندگي گذاري رھيا آھن ھنـن وزيراعلي سنڌ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري تعليم جي صوبائي وزير سردار شاھ کان مطالبو ڪندي چيو ته اسڪول لا۽ نئين بلڊنگ تعمير ڪرائي ڏني وڃي
ڀرياسٽي ڀرسان گورنمنٽ پرائمري اسڪول مھوال ميتلو بنيادي سھولتن ان محروم
Previous Articleخيرپور ڀرسان فيض واهه شاخ ۾ 2 نينگر پاڻي ۾ ڪري ٻڏي ويا