لاهور (عوامي آواز نيوز) نواز شريف جي احتساب وارن بيانن کانپوءِ پي ٽي آءِ  ڏانهن اسٽيبلشمينٽ جو رويو نرم ٿيندو نظر اچي رهيو آهي.

نامياري صحافي معظم فخر جو چوڻ آهي ته محمد علي دراني جو اوچتو سرگرم ٿيڻ ۽ صدر عارف علوي سان ملاقاتون ڪرڻ، ان دوران 9 مئي واقعن ۾ گرفتار صنم جاويد سميت ڪارڪنن جون ضمانتون ٿيڻ،شهريار آفريدي جو ڀاءُ گم ٿيڻ کانپوءِ  اوچتو گهر پهچي وڃڻ ۽ صحافي عمران رياض جو به 4  مهينن کانپوءِ گهر پهچڻ   اهڙا اشارا آهن ته شايد اسٽيبلشمينٽ جو پي ٽي آءِ ڏانهن رويو نرم ٿي رهيو آهي.

محمد علي دراني جو به چوڻ آهي ته ملاقاتن جا نتيجا آهستي آهستي اچڻ شروع ٿيندا، ان جو مطلب اهو به ٿي سگهي ٿو ته انهن سياسي پارٽين کي پيغام ڏنو ويندو هجي ته انهن اسٽيبلشمينٽ خلاف سخت موقف اختيار ڪيو ته پوءِ پي ٽي آءِ به پوري قوت سان چونڊن جي ميدان ۾ هوندي، ڇو ته جيڪي به سرڪاري ۽ غيرسرڪاري سطح تي سروي ٿيا آهن انهن مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ جو ووٽ بهرحال موجود آهي.

ان ڪري پي ٽي آءِ مخالفن کي خوشفهميءَ  جو شڪار نه ٿيڻ گهرجي. اسٽيبلشمينٽ به شايد اهو ئي پيغام سياسي پارٽين کي ڏئي انهن کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻ جو موقعو ڏئي رهي آهي. قبلو درست ڪرڻ جو مطلب  ادارن ۽ انهن جي اڳوڻن توڙي موجوده سربراهن کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ کان پاسو ڪرڻ آهي، ڏسڻو آهي ته سياسي پارٽيون ڪهڙو موقف اختيار ڪن ٿيون.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version