ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي راندين واري وزير انوراگ ٺڪر چين پاران ٽن ڀارتي عورت رانديگرياڻين کي ايشيز گيمز ۾ شامل نه ڪرڻ کي ”اڻ برابري“ قرار ڏنو آهي.

ايشين گيمز ايشيا کنڊ جو سڀ کان وڏو راندين جو ايونٽ آهي ۽ هر چئن سالن ۾ ٿيندو آهي. اهو گذريل سال ٿيڻو هو پر ڪورونا وائرس جي ڪري نه ٿي سگهيو هو.

پابندي مڙهيل عورت مارشل آرٽسٽن جو تعلق اتر اوڀر رياست اروناچل پرديش سان آهي، جيڪو تڪراري علائقو آهي. چين ان کي ڏاکڻي تبت سمجهي ٿو. انهن کان سواء، باقي 10 رڪني اسڪواڊ کي اجازت ڏني وئي.

راندين جي وزير ميڊيا کي ٻڌايوته جيئن ته اوهان ڏسي سگهو ٿا ته مان چين ۾ نه آهيان، مان ڪوئمبٽور ۾ آهيان، پنهنجي رانديگرياڻين سان، ڪنهن ملڪ جو اهو اڻ برابري وارو رويو اولمپڪ چارٽر جي خلاف آهي جيڪو ڪنهن ريت قبول ناهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version