ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي مختلف شهرن مان شهري جڏهن حالتون خراب ٿينديون آهن ته پرڏيهه جو رخ ڪندا آهن، هو سمجهندا آهن ته ٻاهرين ملڪ ۾ نوڪري ڪري هو گهر جو ڪارونهنوار هلائي سگهندا.

دبئي، سعودي عرب ۽ يورپ جي ملڪن ۾ وڏي پئماني تي پاڪستاني ويندا آهن ۽ سالن جا سال اتي رهندا آهن.

پرڏيهه ويل اڪثر ماڻهو پرڏيههه مان پيسا به موڪليندا آهن ۽ ملڪ واپس اچي چڪر به ڏيندا آهن پر ڪي اهڙا ماڻهو به هوندا آهن جيڪي وري واپس رخ ناهن ڪندا ۽ پويان انهن جون زالون اڪيليون رهي جيئڻ سکي وينديون آهن ۽ پوءِ مڙس هجڻ يا نه هجڻ سان ڪو فرق ناهي پوندو.

شڪر گڙهه ضلعي ناروولا جي صائقا نجيب به اهو ئي چوي ٿي ته هاڻي سندس مڙس جي هجڻ يا نه هجڻ سان ڪو فرق نٿو پوي، مڙس کي پرڏيهه وئي 12 سال ٿي ويا آهن.

اصل ۾ جڏهن سندس مڙس 29 سالن جو هو ته هو مختلف ملڪن کان ٿيندو اٽلي پهتو هو پر ڇو ته هو غيرقانوني نموني ويو هو ان لاءِ هن تڪليفون به ڏٺيون ۽ پوءِ ذهني تڪليفن سبب هاڻي هو  مرڪز ۾ علاج هيٺ آهي.

سندس زال کي اها خبر به نه هئي ته هو جيئرو آهي يا لاڏاڻو ڪري ويو پر هاڻي ساڻس رابطو ٿيندو آهي پر مڙس اڃا غيرقانوني طور ترسيل آهي ۽ سندس حالت سڌرندڙ پر مڪمل بهتر نه آهي.

صائقا مڙس جي غيرموجودگي ۾ پنهنجي محنت سان ڪيفي به ٺاهيو آهي ۽ فاسٽ فوڊ جي ڪاروبار ۾ بزنس پارٽنر طور ڪم به ڪندي آهي. پنهنجي ٻارن کي اڪيلي سر پالي رهي آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version