قاهرا (ويب ڊيسڪ) مصري حڪومت اسڪولن ۾ شاگردياڻين جي نقاب پهرڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.
مصري تعليم واري وزارت طرفان جاري ڪيل حڪم نامي ۾ 30 سيپٽمبر کان شروع ٿيندڙ نئين تعليمي سال لاءِ شاگردياڻين جي چهرو ڍڪڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي پر مٿي تي رئو پهرڻ کي اختياري قرار ڏنو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب مٿو ڍڪڻ جي خواهشمند شاگردياڻين لاءِ تعليمي بروڊ جو منظور ٿيل رنگ ۽ ڊزائين جو حجاب (اسڪارف) استعمال ڪرڻ جو پابند ڪيو ويو آهي، ان لاءِ به شاگردياڻين جي والدين يا سرپرستن جي آگاهي ۽ پيشگي اجازت ضروري هوندي.
مصر ۾ سوشل ميڊيا تي حڪومتي فيصلي کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي ۽ ان قدم کي نجي معاملن ۾ مداخلت قرار ڏنو پيو وڃي جڏهن ته ڪجهه ماڻهو ان جي حمايت به ڪري رهيا آهن.