ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مسافر جهاز کي روڊ ذريعي هڪ شهر کان ٻئي شهر منتقل ڪيو پيو وڃي.

بوئنگ 737 جهاز کي ٽرالر تي لوڊ ڪري موٽروي ايم نائن رستي ڪراچي کان حيدرآباد منتقل ڪيو پيو وڃي، جهاز کي حيدرآباد ۾ سول ايويئيشن ٽريننگ انسٽيٽيوٽ ۾ رکيو ويندو ۽ جهاز تربيتي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندو.

سول ايويئيشن عملدارن موجب فائر فائٽرز جهاز ۾ مان مسافرن کي هنگامي طور ڪڍڻ جي تربيت وٺندا، جهاز مان ٽائر، پر ۽ انجڻ کي ڌار ڪيو ويو، جيڪي ٻئي ڀيري حيدرآباد نيا ويندا ۽ انسٽيٽيوٽ ۾ کين ڳنڍيو ويندو.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version