ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص لڳ ڳوٺ فوجي رانگِڙ جي رهواسڻ ڏائڻ نما لالچي سڳي ماءُ راڻي ڪولهي پاران چند ڏوڪڙن جي لالچ ۾ پنهنجي 14 ورهين جي معصوم ڌي ڪيسو ڪولهي کي بدپيشي لاءِ وحشين حوالي ڪرڻ تي معصوم نينگري سان چار ڏينهن تائين اجتماعي ڏاڍائي ڪرڻ تي معصوم نينگري جي حالت بگڙڻ جي نتيجي ۾ واپس ماءُ حوالي ڪرڻ بعد معصوم ناري جو مڪمل علاج نه ٿيڻ سبب تڙپي تڙپي فوت  ٿي ويل ڪيسو ڪولهي جون ڳوٺ ۾ آخري رسمون ادا ڪرڻ بعد کيس مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو معصوم ناري جو والد دماغي طور بيمار هجڻ ۽ امڙ جيل ۾ هجڻ جي ڪري يونين ڪائونسل بلوچ آباد جي چيئرمين وڪيل شاهنواز لغاري ۽ ڳوٺاڻن جي مدد سان ناري جي ڪفن دفن ۽ آخري رسمن جو بندوبست ڪيو ويو جڏهن ته واقعي جو آءِ جي سنڌ نوٽيس وٺندي واقعي جي مڪمل رپورٽ طلب ڪندي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن وحشين جي وحشت جو نشانو بنجڻ بعد تڙپي تڙپي فوت ٿي ويل معصوم نينگر ڪيسوڪولهي جي فوت ٿيڻ جون خبرون ميڊيا تي اچڻ بعد آجي سنڌ پاران نوٽيس وٺي رپورٽ طلب ڪرڻ تي ايس ايس پي ميرپورخاص شبير احمد سيٺار واقعي جي جاچ لاءِ ڊي ايس پي سي آءِ اي فضل الحق چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ڊي ايس پي سنڌڙي عامر ڀٽي، وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ مومل شاهين لغاري، انسپيڪٽر رحيم کوسو ۽ دلبر مهر ٿاڻي جي ايس ايڇ او سنجي ڪمار تي ٻڌل ٽيم جوڙي مڪمل رپورٽ پيش ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن ايس ايس پي پاران جوڙيل ٽيم پوليس اٽالن سان مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي معصوم نياڻي کي بدپيشو ڪرائڻ لاءِ مختلف شهرن ڏانهن وٺي وڃڻ ۾ ملوث جوابدار سونو ڪولهي ۽ معصوم ناري سان ڏاڍائي ڪرڻ جي شڪ ۾ الله ڏنو ماڇي، رمضان عرف رتو چانهيو ۽ پوجو ڪولهي کي گرفتار ڪرڻ بعد نامعلوم هند منتقل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني آهي معصوم ناري جي ڪيس ۾ ناري جي ڏائڻ نما امڙ راڻي ڪولهي ۽ هيرو ڪولهي سميت گرفتارين جو انگ 06 ٿي ويو آهي، ذريعن موجب ايس ايس پي ميرپورخاص پاران جوڙيل ڪاميٽي گرفتار ڪرڻ بعد عدالت مان رمانڊ تي ورتل راڻي ڪولهي ۽ هيرو ڪولهي سان وومين ٿاڻي تي پهچي جاچ ڪندي ٻنهي جا بيان ورتا جنهن ۾ فوت ٿي ويل معصوم ناري ڪيسو ڪولهي جي امڙ ۽  هيرو ڪولهي پاران ڪيسو ڪولهي سان بدپيشو ڪرائڻ ۽ فوت ٿيڻ کان اڳ بدپيشي لاءِ موڪليل ماڻهن جي حوالي سان اهم ڄاڻ حاصل ڪري وڌيڪ ڪاروائي شروع ڪري ڏني آهي.

ڏياري اسان لاءِ خوشين بدران ڏک کڻي آئي:ڪيسو جي ڀيڻ

ميرپورخاص:جنسي بگهڙن جي وحشت جو نشانو بنجڻ بعد فوت ٿي ويل معصوم ناري ڪيسو ڪولهي جي ڀيڻ گنگا ڪولهي صحافين کي ٻڌايو ته امان ڀيڻ کي سونو ڪولهي جي حوالي ڪندي هئي جيڪو کيس اڪثر وٺي ويندو هو ۽ ٻن ٽن ڏينهن بعد واپس ايندو هو ۽ اچڻ بعد امان کي هزارين روپيا ڏيندو هو هڪ هفتو اڳ به سونو ڀيڻ کي عمرڪوٽ وٺي ويو هو جتي ڀيڻ جي طبيعت خراب ٿيڻ تي هن امان کي ٽي کان چار هزار روپيا ڏيندي چيو هو ته هن جي طبيعت خراب آهي،ميرپورخاص اسپتال مان ڀيڻ کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو جتي علاج جا پئسا نه هجڻ جي ڪري کيس واپس ڳوٺ آندو ته رات جو ٻيهر سندس طبيعت خراب ٿي وئي ايمبولينس نه ملڻ تي وڪيل شاهنواز لغاري سان گڏ کيس سول اسپتال کڻي وڃي رهيا هئاسن ته رستي ۾ ڀيڻ فوت ٿي وئي،هن چيو ته اسان جو گھر تباهه ٿي ويو آهي پيءُ جي بيمار هجڻ جي ڪري گھر هلائڻ مشڪل بڻيل هو ته امان اهو ڪم شروع ڪيو جنهن جي ڪري اڄ ڏياري به اسان لاءِ خوشين جي بدران ڏک کڻي آئي آهي.

جماعت اسلامي سنڌ پاران ڪيسو ڪولهي واقعي جي مذمت

ڪراچي (پ ر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ سنڌڙي شهر وجهيو78 موري ۾ زيادتي جو شڪار بڻيل نينگري ڪيسو ڪولهڻ جي موت تي سخت ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته معصوم نينگري ڪيسو ڪولهڻ سان زيادتي ۽ وحشي درندن حوالي ڪندڙ سندس گهر ڀاتين خلاف سخت کان سخت ڪاروائي ڪري کين عبرت ناڪ سزائون ڏنيون وڃن، سنڌ ۾ معصوم نياڻين ۽ ٻارن خلاف هڪ منظم گينگ ذريعي لاڳيتو اجتماعي زيادتي ۽ قتل واقعا ٿيڻ باوجود سنڌ پوليس ۽ انتظاميا خاموش تماشائي بڻيل آهي، عوام مهانگائي، بيروزگاري، ڌاڙيل راڄ کان تنگسمٿان وري اهڙن واقعن سنڌ ۾ وحشت ۽ بربريت جون سڀئي حدون پار ڪري ماڻهن کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. آءِ جي سنڌ، وڏو وزير ڪيسو ڪولهڻ واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن آئنده ڪنهن کي به اهڙي ڪُڌي عمل جي جُرت نه ٿي سگهي. جماعت اسلامي اڳواڻ گھر ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث ڪيسو ڪولهي جي مائٽن، سميت سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

بدپيشو ڪرائيندڙن ۽ ڏاڍائي ڪندڙن کي ڪيس ۾ شامل ڪنداسين: مومل لغاري

ميرپورخاص: معصوم ناري ڪيسو ڪولهي جي ڪيس ۾ گرفتارين جي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي وومين ٿاڻي جي ايس ايڇ او مومل لغاري چيو ته ايس ايس پي پاران واقع جو نوٽيس واقعي جي جاچ لاءِ جوڙيل ٽيم سان گڏ جاچ ڪيون پيا جاچ دوران ڪجهھ گرفتاريون پڻ ٿيون آهن جن کان پڇا ڳاڇا ڪري رهيا آهيون ڪيس ۾ نامزد ٻن جوابدارن کان علاوه معصوم ناري کان بدپيشو ڪرائڻ ۽ کيس ڏاڍائي جو نشانو بنائڻ ۾ ملوث ماڻهن کي پڻ ڪيس ۾ شامل ڪيو ويندو پوليس مختلف رخن تي جاچ ڪري رهي آهي ان حوالي سان ٽيم وارثن ۽ علائقي  واسين کان به بيان ۽ ڄاڻ حاصل ڪئي ويندي جڏهن ته ڪيسو ڪولهي کي حيدرآباد ريفر ڪرڻ بعد کيس بنا پوليس جي اطلاع جي ڳوٺ وٺي اچڻ واري معاملي جي پڻ جاچ ڪئي ويندي

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version