ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين ڌرين کان ٻه هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.
آئيني ترميم خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس محمد شفيع صديقي ريمارڪس ڏنا ته آئين عدليا جو نه پارليامينٽ جو معاملو آهي، توهان آئين جي آرٽيڪل 239 جو جائزو ورتو آهي؟
هن چيو ته ان ۾ اسان جو اختيارن جو دائرو ڪهڙو آهي؟ اسان وٽ سپريم ڪورٽ جا اختيار ناهن، جيڪي اختيار هاءِ ڪورٽ وٽ آهي اهي ئي استعمال ڪري سگهون ٿا، 2 فورمز ڪيئن عدليا جي آزادي متاثر ڪئي آهي؟ پارليامينٽ کي عوام چونڊيو آهي.
پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ 26هين آئيني ترميم خلاف درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي اٽارني جنرل پاڪستان، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻين ڌرين کان ٻن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version