اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر چيو آهي ته بلوچستان هٿن مان نڪري رهيو آهي، بلوچ عوام ماه رنگ بلوچ سان گڏ آهي، هڪ ويچاري نياڻي خلاف پروپيگنڊا ڇو پئي ڪئي وڃي، هي ملڪ انارڪي  ڏانهن وڌي رهيو آهي،هن ملڪ تي رحم ڪريو قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته بلوچستان ۾ اسان جا فوجي ۽ پنجابي ماريا ويا اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا، پر بلوچستان ۾ جهڙي طرح حڪومت ڪئي پئي وڃي اهو رويو افسوس جوڳو آهي، قومي اسيمبلي ۾ بلوچستان اشو تي بحث ٿيڻ گهرجي، منهنجي درخواست آهي ته اختر مينگل کي ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو وڃي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version