اسلام آباد(تجزيو: ابصار عالم)سردار اختر مينگل سردار عطاءُ الله مينگل جو پٽ آهي جيڪو پارليامينٽ تي بي اعتمادي ڪري اتان وڃي رهيو آهي جيڪي به محب وطن پاڪستاني آهن ۽ جيڪي آئين تي يقين رکن ٿا انهن لاءِ اڄوڪو ڏينهن تڪليف ڏيندڙ آهي، سڀ کان پهرين جبري گم ڪيل سردار اختر مينگل جو ڀاءُ سردار اسد مينگل هو،اڄ تائين هن جي قبر ناهي ملي، سردار عطاءُ الله مينگل انصاف جي اميد کڻي هن دنيا مان هليو ويو، اختر مينگل ايترا ظلم سهڻ ۽ پنهنجي ماڻهن جا مهڻا ٻڌڻ باوجود پاڪستان جي آئين جو حلف کنيو،هو هر ڀيري چونڊجي پارليامينٽ ۾ بلوچ عوام جي حقن لاءِ اسلام آباد کي وفاق جي راڄڌاني سمجهندو رهيو، رياست هن جي نه ٻڌي پر ويتر زيادتي ڪئي، اختر مينگل جي حڪومت ختم ڪئي وئي،اڪبر بگٽي کي شهيد ڪيو ويو، حاصل بزنجو کي سينيٽ چيئرمين جي چونڊ هارائي وئي، ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي حڪومت ختم ڪرائي سردار ثناءُ الله زهري کي حڪومت ڏني وئي،بلوچستان جي چونڊيل ماڻهن کي نظرانداز ڪري توهان پاڪستانيت جو درس ڪيئن ڏئي سگهو ٿا،قومون محبت سان ويجهو رهنديون آهن، طاقت سان نه،توهان بلوچن کي بددل ڪري ڇڏيو ٿا.