ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي سرڪاري ملازمن لاءِ وڏي خبر، سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن لاءِ هيلٿ انشورنس جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب، سنڌ حڪومت ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس وچ ۾سنڌ سيڪريٽريٽ جي ملازمن ۽ انهن جي وارثن لاءِ هيلٿ انشورنس جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته معاهدي تحت سنڌ سيڪريٽريٽ، وزيراعليٰ هائوس، گورنر سيڪريٽريٽ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ملازمن کي هيءَ سهولت حاصل هوندي.
ذريعن موجب، سنڌ حڪومت طرفان سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن سهيل احمد قريشي ۽ اسٽيٽ لائيف انشورنس جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر طرفان معاهدي تي صحيحون ڪيون ويون.
سيڪريٽري جنرل ايڊمنسٽريشن سهيل احمد قريشي موجب، معاهدي تحت ملازمن کي ساليانو علاج جي مد ۾ ھر فرد لاءِ 7 لک رپين جي پاليسي ملي سگهندي، ان کانسواءِ پاليسي تحت ملازم ملڪ جي 175 اسپتالن مان علاج ڪرائي سگهندا.
ٻئي پاسي چيف سيڪريٽري سنڌ آصف حيدر شاهه پاران ملازمن کي واڌايون پيش ڪيون ويون آهن، ملازمن پاران سنڌ حڪومت جي فيصلي جي ساراهيو پيو وڃي.
هوڏانهن سينوا صدر نظر جلالاڻي ۽ الشھباز پينل جي چيئرمين علي حيدر بيھڻ پاران سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن جا ٿورا مڃيا.
الشھباز پينل جي چيئرمين علي حيدر بيھڻ چيو ته ملازمن جي حقن لاءِ الشهباز پينل جي جدوجهد هميشه جاري رهندي.
الشهباز پينل جي صدر لياقت علي سولنگي چيو ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران الشهباز پينل جي درخواست تي فوري ڪارروائي ڪرڻ تي ٿورائتا آھيون،

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version