ڪراچي ( رپورٽر)  سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران سال 2017ع کان 2020ع تائين گذريل چئن سالن دوران مختلف ٽي وي چئنلن ۽ اخبارن کي هڪ ارب 53 ڪروڙ 80 لک روپين جا اشتهار جاري ڪرڻ جي انڪشاف تي سنڌ جي اطلاعات کاتي کان اشتهار جاري ٿيندڙ ٽي وي چئنلن ۽ اخبارن جي تفصيلن سميت اشتهار ڪهڙي معيار تحت جاري ٿيا؟ ان بابت پڻ تفصيلي رپورٽ گهري ورتي آهي. اجلاس ۾ هڪ ارب 53 ڪروڙ 80 لک رپين  جا اشتهار ڪهڙن ٽي وي چئنلن ۽ ڪهڙين اخبارن کي ڪهڙي فارمولي تحت جاري ٿيا ان بابت سنڌ جو اطلاعات کاتو ڪي به تفصيل نه ڏئي سگهيو. اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين نثار کهڙو جي صدارت ۾ ڪميٽي روم ۾ ٿيو جنهن ۾ سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سال 2017ع کان 2020ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سنڌ جي اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمان سميت ڊائريڪٽرن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ جي اطلاعات کاتي پاران سال 2017ع کان 2020ع تائين مختلف ٽي وي چئنلن ۽ مختلف اخبارن کي هڪ ارب 53 ڪروڙ 80 لک روپين جا اشتهار جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ۽ ان بابت سنڌ جو اطلاعات کاتو اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن کي جاري ڪيل اشتهارن بابت تفصيل نه ڏئي سگهيو. ان موقعي تي پي اي سي جي چيئرمين نثار کهڙو سنڌ جي اطلاعات کاتي کان سال 2017ع کان 2020ع تائين جن ٽي وي چئنلن ۽ جن اخبارن کي هڪ ارب 58 ڪروڙ 80 لک روپين جا اشتهار جاري ٿيا انهن جي نالن جي تفصيل سميت اشتهار جاري ٿيڻ جي معيار بابت رپورٽ گهري ورتي ۽ نثار کهڙو چيو ته  سڀئي ميڊيا هائوسز ۽ ميڊيا جا ادارا قابل احترام آهن پر ڪيترن ئي ڊمي اخبارن کي اشتهار جاري ڪيا ويا آهن جن جي ڪا به سرڪيوليشن ناهي ان لاءِ اشتهارن تي عوام جي ٽئڪس جي پئسن مان اربين روپيه خرچ ڪيا ويا آهن ان لاءِ جن ٽي وي چئنلن ۽ جن اخبارن کي هڪ ارب 53 ڪروڙ 80 لک روپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا ان بابت تفصيل فراهم ڪيا وڃن. اجلاس ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو ته سنڌ جي اطلاعات کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ فلمنگ سيڪشن بغير ڪنهن ڪم جي رڳو پيٽرول خرچ ڪري رهي آهي. چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو سيڪريٽري اطلاعات کان پڇاڻو ڪيو ته اطلاعات کاتي وٽ هڪ فلمنگ سيڪشن ۽ هڪ فلم ڊائريڪٽوريٽ آهي، پوءِ فلمنگ سيڪشن ڇا ڪري رهيو آهي؟ سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمان چيو ته ڊائريڪٽر پبلڪ رليشنز فلم اينڊ فلم ڊائريڪٽوريٽ فلم جي شوٽنگ جو ڪو به ڪم نه ڪري رهيو آهي ۽ نه ئي هن وٽ ان حوالي سان ڪا ذميواري آهي. نثار کهڙي چيو ته ڊائريڪٽر فلم کي ٽي لک رپيا پيٽرول تي خرچ ڪرڻ لاءِ صرف آفيس وڃڻ لاءِ رکيو ويو آهي؟    .

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version