حيدرآباد(رپورٽر) يوٿ ايڪشن فورم عمرڪوٽ واقعي خلاف 25 سيپٽمبر اربع جي ڏينھن احتجاجي مظاھرو ڪرڻ جو اعلان ڪندي سڄي سنڌ جي سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ سول سوسائٽي کي احتجاج ۾  ڀرپور شرڪت ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. يوٿ ايڪشن فورم سنڌ جي اڳواڻ سنڌو نواز گھانگھرو فورم جي اڳواڻ حمز علي چانڊيو ۽ ٻين سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمرڪوٽ جي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو قتل قانون کان مٿانهون قتل جو واقعو آھي، جنھن ۾ معطل ٿيل ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي، معطل ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ سڌي ريت ملوث آھن. ھن چيو ته انھن پوليس عملدارن خلاف ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر کي قتل ڪرڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي ۽ واقعي جي اڻ ڌري جاچ ڪرائي وڃي. ھن چيو ته ڪجھ عرصي کان ھڪ جنوني شدت پسند گروھ سنڌ جو امن تباھ ڪري رهيو آهي، سنڌ شاھ لطيف، سچل، سامي، شاھ عنايت شھيد ۽ مخدوم بلاول جي امن جي ڌرتي آھي، سنڌ صدين کان دنيا کي پيار محبت، امن، سلامتي، ڀائيچاري ۽ رواداري جو پيغام ڏيندي پئي اچي. هن چيو ته انتھاپسندي ۽ دھشتگردي جو مقابلو صرف سنڌ جي صوفياڻي فڪر سان ئي ڪري سگهجي ٿو. ھن چيو ته سنڌ جو عوام پنھنجي ڌرتي تي ڪنھن به قسم جي مذھبي انتھاپسندي ۽ دھشتگردي کي قبول نه ڪيو آھي ۽ ڪندو، گذريل ڏينھن سڄي سنڌ عمرڪوٽ پھتي ۽ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي وارثن سان تعزيت ڪئي. ھن چيو ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جو خاندان انصاف لاءِ ٻاڏائي رھيو آھي، انھن جو ڪوبه فرياد ٻڌڻ وارو ناھي، وارثن سان گڏ سڄي سنڌ جي عوام جو اھو مطالبو آھي ته ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي قتل جي ايف آءِ آر جلد ئي مٿي ڄاڻايل پوليس عملدارن تي داخل ڪري انھن کي گرفتار ڪيو وڃي، ان لاءِ يوٿ ايڪشن فورم 25 سيپٽمبر تي اربع جي ڏينھن عمرڪوٽ سميت سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏئي ٿو. هن چيو ته اسان سنڌ جي سياسي، سماجي ڌرين، سول سوسائٽي جي نمائندن، صحافين ۽ وڪيلن کي اپيل ٿا ڪريون ته اھي 25 سيپٽمبر تي عمرڪوٽ پھچن ۽ احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪن.

حيدرآباد(رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل واري واقعي خلاف اڄ کان احتجاجي مظاهرا ڪرڻ ۽ “انتهاپسندي نامنظور” ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي جوڙيل جاچ ڪميٽي کي رد ڪيون ٿا، اها جاچ ڪميٽي انصاف ڏيڻ بجاءِ جوابدارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي. ڪالهه قاسم آباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنهل ساريو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي بيدردي سان قتل ڪري سندس لاش جي تذليل ڪري ساڙڻ وارو واقعو انتهائي ڏکوئيندڙ ۽ ڀيانڪ آهي، پر سنڌ حڪومت هيڏي وڏي واقعي تي ڊي آئي جي تي مشتمل هڪ جاچ ڪميٽي جوڙي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت ۾ انصاف نه ڪري سگهندي، اهڙي جاچ کي رد ڪندي اهو مطالبو ڪيون ٿا ته هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججن تي مشتمل جاچ ڪميٽي جوڙي وڃي، جيڪا هن معاملي جي شروعات کان وٺي قتل واري واقعي ۽ بعد ۾ پيدا ٿيل صورتحال جي جاچ ڪري، واقعي ۾ ملوث سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري ان جاچ ڪميٽي سامهون انهن جا بيان ورتا وڃن. ڊاڪٽر شاهنواز وارو واقعو پيدا ڪندڙ انهن سمورن شرپسندن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي جن هن معاملي کي وڌائي ڪري پيش ڪيو ۽ اهڙو ماحول جوڙيو جنهن ۾ هڪ پڙهيو لکيو ڊاڪٽر ماريو ويو. هن چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل وارو واقعو عمر ڪوٽ سميت سڄي سنڌ جو ماحول خراب ڪرڻ ۽ باهه لڳائڻ جي ڪوشش آهي. عدالتي جاچ ۾ جنهن تي به ڏوهه ثابت ٿئي ان کي عدالتن ذريعي سزا ڏني وڃي. هن چيو ته عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص پوليس هن سموري معاملي جوابدار طور شامل رهي آهي، اڄ به عمرڪوٽ پوليس ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي گهرواري کان زوري آڱوٺن جا نشان هڻائي صحيحون ورتيون آهن، اسان اهو به مطالبو ڪيون ٿا عمرڪوٽ پوليس جي ايس ايس پي کان ويندي انهن سمورن عملدارن کي معطل جيڪي جاچ ۾ رڪاوٽون وجهي رهيا آهن، ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي خاندان کي ڌمڪايو ۽ ڊيڄاريو پيو وڃي. هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو ته پيپلزپارٽي جي ايم اين اي امير علي شاهه ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي قتل ڪندڙ پوليس اهلڪارن جو استقبال ڪندي گلن جا هار پارايا ۽ هڪ بيگناهه کي قتل ڪرڻ تي پوليس آفيسرن کي شاباسي ڏني جنهن ڪري ان کان استعفيٰ ورتي وڃي. ايم اين اي کي ڪهڙو اختيار آهي ته هو ماڻهو ماريندڙن کي گلن جا هار پارائي. هن چيو ته اڄ کان اسان سڄي سنڌ ۾ پريس ڪلبن سامهون احتجاج مظاهرا ڪري “انتهاپسندي نامنظور” نالي ريليون ڪڍائينداسين. ان سلسلي ۾ اڄ 24 سيپٽمبر، نوشهروفيروز، 25 سيپٽمبر گهوٽڪي، 26 سيپٽمبر سکر، 27 سيپٽمبر خيرپور، 28 سيپٽمبر نواب شاھه، 29 سيپٽمبر مٽياري، 30 سيپٽمبر سانگهڙ، 01 آڪٽوبر ٽنڊوالهيار، 2 آڪٽوبر عمرڪوٽ، 3 آڪٽوبر حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ احتجاج ڪيا ويندا. جڏهن ته ٻين ضلعن جي تاريخ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو ۽ ان کانپوءِ ٻين ضلعن ۾ انتهاپسندي نامنظور نعري هيٺ احتجاجي ريليون ۽ مظاهرا ڪيا ويندا. هن اسان ڪنهن به صورت ۾ خاموش نه ويهنداسين ۽ متاثر ڌر کي انصاف ملڻ تائين احتجاج جاري رکنداسين. هن چيو ته سنڌ ۾ قومپرست تنظيمون تمام گهڻيون متحرڪ رهيون آهن، پر هاڻ تنظيمي طور تي ڪمزور ٿيون آهن، ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته هر ڪو پنهنجي نقطه نظر موجب پنهنجي تنظيمن کي متحرڪ ڪن، ان سان اسان سنڌ ۾ هاڻوڪي انتهاپسنداڻي لهر کي منهن ڏئي سگهنداسين، سنڌ جو پرامن ماحول خراب ڪندڙ ڌرين کي ياد ڪرڻ گهرجي ته سنڌ ڪڏهن به فرقيواريت کي برداشت نه ڪيو آهي، مذهبي هم آهنگي ۽ برداشت سنڌ جي سڃاڻپ آهي، ان ڪري شرپسند ۽ انتهاپسند ڌريون پنهنجون چالاڪيون ۽ سازشون بند ڪن.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version