ڪراچي(رپورٽر) حرن جي روحاني پيشوا پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل ،جي ڊي اي جي سربراھ پير صاحب پاڳاري چيو آھي ته  ارسا ايڪٽ ۾ ترميمون آڻي سنڌو درياء مان وڌيڪ 6 نوان ڪئنال ڪڍي سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ جي ڪنھن کي به اجازت نه ڏني ويندي،اھڙن خيالن جو اظھار ھن جي ڊي اي جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو،هن وڌيڪ چيو ته نئين اسڪيم تحت ڪراچي جي پيئڻ جو پاڻي گھٽ ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي،مان سنڌ جي عوام جي حقن لاءِ ھر قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آھيان،اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌو درياء بچايو تحريڪ کي وڌيڪ متحرڪ ۽ سگھارو بڻايو ويندو، اجلاس ۾ شريڪ ٿيندڙن حقيقي جمهوريت قائم ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو ته 2024 جون عام چونڊون جعلي ء فارم 47 تحت ھيون جن کي رد ڪيون ٿا ،جي ڊي اي جي اجلاس ۾ جعلي اسيمبلي وسيلي پاس ڪيل 26 ھين آئيني ترميم کي به رد ڪري ڇڏيو ،اجلاس ۾ سيد صدرالدين شاھ راشدي ،محمد علي دراني،سيد مظفر حسين شاھ،ڊاڪٽر صفدر عباسي ،لياقت جتوئي،ارباب غلام رحيم،غلام مرتضيٰ جتوئي ،سيد زين شاھ،ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا،سيد راشد شاھ،سردار عبدالرحيم ،اياز لطيف پليجو،سائرہ بانو،حسنين مرزا ء ٻين شرڪت ڪئي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version