ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي هڪ ٻي ايئر لائن کي پاڪستان لاءِ فضائي آپريشن جي سلسلي ۾ اجازت ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب سي اي اي ”فلاءِ عديل“ کي پاڪستان لاءِ فضائي آپريشن جي درخواست تي اجازت ڏني، فلاءِ عديل پاڪستان لاءِ هفتيوار 11 پلائٽس جو سلاٽ سول ايوي ايشن طرفان منظور ڪيو ويو آهي.
فلاءِ عديل جلد پاڪستان لاءِ فضائي آپريشن شروع ڪندي، ڊي جي سي اي اي فلاءِ عديل کي پاڪستان لاءِ فضائي آپريشن جي اجازت ڏني آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سعودي عرب جي نئين ايئر لائن جي پاڪستان اچڻ سان ڪمائي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.
Previous Articleڪراچي: سرڪاري اسڪولن جون ڪاپيون ۽ ڪتاب وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف