ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سرڪاري اسڪولن کي فراهم ڪتاب ۽ ڪاپيون وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
پوليس ڪراچي جي علائقي شاهه لطيف ٽائون ۾ ڇاپو هڻي وڏي انگ ۾ ڪتاب ۽ ڪاپيون برآمد ڪري ورتون، ڪتاب ۽ ڪاپيون هڪ گهر ۾ لڪايون ويون هيون.
پوليس ٻڌايو ته ڪارروائي ۾ ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري سرڪاري فرياد تي شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب جوابدارن سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ تعليم کاتو جو عملو ملوث هجڻ جو ٻڌايو آهي، جوابدار سرڪاري اسڪولن جون ڪاپيون ۽ ڪتاب ڪور تبديل ڪري کپائيندا هئا.
پوليس ٻڌايو ته جوابدار محمود آباد، ملير ۽ ڪورنگي ۾ دڪانن تي ڪاپيون ۽ ڪتاب کپائيندا هئا.
Previous Articleجيڪب آباد ۾ مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، 5 ڄڻا فوت، 18 زخمي
Next Article سعودي عرب وڃڻ جي خواهشمندن لاءِ سٺي خبر