ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ مانيٽري پاليسي جاري ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وياج جي شرح اڍائي سيڪڙو گهٽائي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب زري پاليسي ڪميٽي پنهنجي اڄوڪي اجلاس ۾ پاليسي ريٽ کي 250 بيسز پوائنٽس گهٽ ڪري 15 سيڪڙو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته مهانگائي اميد کان وڌيڪ تيزيءَ سان گهٽ ٿي ۽ آڪٽوبر ۾ پنهنجي وچ مدي جي هدف جي ويجهو پهچي وئي آهي، آءِ ايم ايف بورڊ پاڪستان جي نئين پروگرام جي منظوري ڏني، جنهن سان غير يقيني ڪيفيت ختم ٿي آهي ۽ تجويز ڪيل ٻاهرين رقم جي آمد جا امڪان بهتر ٿيا آهن.
اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو ته آڪٽوبر ۾ ڪيل سرويز سان واهپيدارن ۽ ڪاروباري ادارن ٻنهي جي اعتماد ۾ بهتري ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ظاهر ٿي، پهرين 4 مهينن دوران ٽيڪس وصولي هدف کان گهٽ رهي.
اسٽيٽ بئنڪ موجب موجوده شرح سان معاشي استحڪام کي هٿي ملندي ۽ پائيدار بنياد تي معاشي اوسر حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version