نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽ فارم ٽرٿ سوشل تي آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽي جي پروفيسر جيفري ساڪس جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي جيڪا ڪجهه ئي لمحن ۾ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.هن وڊيو ۾ پروفيسر جيفري ساڪس بارڪ اوباما جي دور ۾ آمريڪا ۾ ٺاهيل پرڏيهي پاليسي ۽ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو تي به تنقيد ڪري رهيو آهي.هن تنقيد ڪندي چيو ته شام ​​۾ روس جي مداخلت کان چار سال اڳ اوباما انتظاميا سي آءِ اي کي حڪم ڏنو هو ته بشار الاسد جو تختو اونڌو ڪيو وڃي.وڊيو ۾ پروفيسر جيفري ساڪس چيو ته موجوده اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪا جي عراق جنگ جي پويان هو.پروفيسر جيفري ساڪس چيو ته نيتن ياهو جن حڪومتن جو تختو اونڌو ڪرڻ چاهي ٿو انهن ۾ عراق، شام ۽ ايران جون حڪومتون به شامل آهن.جيفري ساڪس چيو ته نيتن ياهو جنوني آهي ۽ اڃا به ڪوشش ڪري رهيو آهي ته آمريڪا ايران سان جنگ ڪري.

يهودي حڪومت گريٽر اسرائيل جو نقشو جاري ڪري ڇڏيو

قاهرا/رياض/ابوظهبي/يروشلم (م ڊ) 6 جنوري تي اسرائيل جي سرڪاري سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان جاري ڪيل نقشي ۾ فلسطين، شام، لبنان ۽ اردن جي ڪجهه حصن کي اسرائيل جو حصو قرار ڏنو ويو. اسرائيل جي سرڪاري سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان شيئر ڪيل نقشي ۾ دعويٰ ڪئي وئي ته اسرائيلي  مملڪت تقريبن 3000 سال اڳ قائم ٿي ۽ ان جي پهرئين ٽن بادشاهن مجموعي طور تي 120 سالن تائين حڪمراني ڪئي. ٻئي پاسي سعودي عرب، فلسطين، گڏيل عرب امارتن ۽ عرب ليگ اسرائيلي حڪومت طرفان گريٽر اسرائيل جو تڪراري نقشو جاري ڪرڻ جي مذمت ڪندي ان کي رد ڪري ڇڏيو. سعودي عرب پرڏيهي وزير ان کي انتهاپسنداڻو عمل قرار ڏيندي چيو ته اهڙا قدم اسرائيلي قبضي کي وڌائڻ، رياستن جي خودمختياري تي حملا ڪرڻ ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي جو ارادو ظاهر ڪن ٿا. فلسطين ۽ اردن به مذمت ڪئي. سعودي پرڏيهي وزير ۽ فلسطيني عملدارن عالمي برادري کان اسرائيلي ڀڃڪڙين کي روڪڻ جي اپيل ڪئي. عرب ليگ جي جنرل سيڪريٽري احمد ابو الغيط خبردار ڪيو ته عالمي برادري طرفان اهڙن چڙ ڏياريندڙ عملن کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي تي هر پاسي انتهاپسندي وڌڻ جو خطرو آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version