ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پاڙيسري جي ڪڪڙين جي گوڙ کان تنگ عورت عدالت پهچي وئي.
ڪلفٽن واسڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪندي چيو ته پاڙسري بنا لائسنس جي گهر ۾ ڪڪڙيون پاليون آهن، ڪڪڙين جي گوڙ سان تنگ ٿيندا آهيون.
عدالت پڇيو ته ڪڪڙيون دڪانن تي کپايون وينديون آهن ۽ گهر ۾ پاليل آهن، ڇا توهان جو ڪو بنيادي حق متاثر ٿي رهيو آهي.
عورت چيو اها بنيادي شهري حقن جي ڀڃڪڙي آهي، ڪنٽونمينٽ بورڊ جي قانون ۾ به موجود آهي.
سي بي سي وڪيل ٻڌايو ته ڪير ڪڪڙيون رکي يا نه رکي اهڙو ڪو قانون ناهي.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version