ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ايم اين اي رعنا انصار جو پٽ روڊ حادثي ۾ حياتي وڃائي ويٺو.
پوليس موجب، ڪراچي جي پوش علائقي ڪلفٽن انڊرپاس ويجهو روڊ حادثو پيش آيو، حادثي ۾ ڪار سوار شاهزيب مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.
پوليس موجب، حادثي وقت گاڏي شاهزيب هلائي رهيو هو، گاڏي فٽ پاٿ سان ٽڪرائي جنهن سبب حادثو پيش آيو، حادثي ۾ شاهزيب جو دوست محمد الياس زخمي ٿيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شاهزيب جي گهرڀاتين قانوني ڪارروائي کان منع ڪيو، ظابطي جي ڪارروائي کانپوءِ شاهزيب جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.
روڊ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ نوجوان شاهزيب ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي رعنا انصار جو پٽ آهي ۽ ان ڏس ۾ گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته سيد شاهزيب جي جنازي نماد اڄ عشاءَ جي نماز کانپوءِ ادا ڪئي ويندي.
ڪراچي: ايم ڪيو ايم جِي ايم اين اي جو پٽ روڊ حادثي ۾حياتي وڃائي ويٺو
Previous Articleسنڌ حڪومت جو پگهارن بابت اهم فيصلو