ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ ۾ فضائي گدلاڻ وڌڻ سبب ساهه جون بيماريون ڪر کڻڻ لڳيون آهن.
پيڊيٽريڪس ايسوسيئيشن جي صدر موجب، شهر ۾ ساهه جي بيمارين ۾ روزاني بنيادن تي 80 کان 80 ٻار سرڪاري اسپتال ۾ اچي رهيا آهن، ڳلي ۽ سيني جي انفيڪشن وڌڻ سبب سهڪي جي بيماري ٿيندي آهي.
هن چيو ته گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ هن وقت ڪراچيءَ ۾ ساهه جي بيمارين ۾ ٻيڻو اضافو ٿيو آهي، احتياطي اپاءَ نه ورتا ويا ته ساهه جي بيماري ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version