ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وچ عربي سمنڊ مٿان هوا جو گهٽ دٻاءُ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ورتو، جيڪو آچر تي ڊپريشن ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو.
موسميات کاتي وچ عربي سمنڊ مٿان هوا جي گهٽ دٻاءَ جي حوالي سان ٻيو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، جنهن موجب هوا جو گهٽ دٻاءُ گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو، ان جو ڪراچي کان فاصلو 100 ڪلو ميٽر گهٽجي 900 ڪلو ميٽر رهجي ويو.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سازگار ماحولياتي حالتن سبب امڪان آهي ته اها سامونڊي سرگرمي ڊپريشن ۾ تبديل ٿي ويندي، سسٽم شروعاتي طور تي اولهه، اتر اولهه ڏانهن وڌندو.
في الحال پاڪستان جو ڪو به سامونڊي علائقو ان نظام سان متاثر ٿيڻ جو امڪان ناهي، سائڪلون وارننگ سينٽر ڪراچي سسٽم جي مسلسل نگراني ڪري رهيو آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version