ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته جيڪڏهن ڪارساز حادثي ۾ انصاف ٿيندي نظر نه آيو ته وارثن سان گڏ گورنر جي حيثيت سان عدالت ويندس.
ڪامران ٽيسوري ڪارساز حادثي ۾ فوتي پيءُ ۽ ڌيءُ جي گهر ويو ۽ وارثن سان تعزيت ڪئي.
صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻه جانيون هليون ويون، اسان کي انصاف ٿيندي نظر اچڻ گهرجي، جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته گورنر جي حيثيت سان عدالت ويندس.
سندس چوڻ هو ته ڪيڏو به طاقتور هجي الله کان نٿو بچي سگهي، ناانصافي ٿيڻ نه ڏينداسين، وڪيلن سان رابطي ۾ رهنداسين، چيف جسٽس آف پاڪستان کي اپيل ڪندس ته توهان به ڪيس کي مانيٽر ڪيو.
ڪارساز حادثو، ڪامران ٽيسوري جو انصاف نه ٿيڻ جي صورت ۾ عدالت وڃڻ جو اعلان
Previous Articleسون جي اگهه ۾ اڄ به واڌ، گهڻي جو ٿي ويو؟