ڪراچي (پ ر) سنڌ ۾ غذائي کوٽ جي سنگين صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ يورپي يونين جي سهڪار سان هڪ اهم پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن تحت سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ غذائي کوٽ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مختلف تنظيمن ۽ سرڪاري کاتن وچ ۾ سهڪار کي مضبوط ڪيو پيو وڃي.
ان پروگرام تحت اسٽرينٿننگ پارٽسپٽري آرگنائيزيشن، انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي ۽ ميڊيڪل ايمرجنسي ريزيلينس فائونڊيشن جي ڀائيواري سان هڪ صوبائي نيٽ ورڪنگ ورڪشاپ جو انعقاد ڪيو ويو، ان ورڪشاپ ۾ سنڌ حڪومت جي متلف کاتن، صحت جي عالمي اداري، سول سوسائٽي تنظيمن ۽ مقامي تنظيمن شرڪت ڪئي، جنهن جو مقصد سنڌ ۾ غذائي کوٽ جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪوششن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ هو.
سنڌ ۾ 5 سالن کان گهٽ عمر جي آبادي، تقريبن اڌ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن، جنهن سبب انهن جي صحت ۽ واڌ ويجهه تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن، ان پروگرام جو مقصد ٻارن ۽ عورتن کي غذائي مدد فراهم ڪرڻ آهي، جيڪي ان بحران سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن.
ورڪشاپ دوران شرڪت ڪندڙن غذائي کوٽ جي مسئلن تي ڳالهايو ۽ ان جي حل لاءِ مختلف حڪمت عملين تي غور ڪيو، ان موقعي تي پلاننگ اينڊ ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ سنڌ جي پلاننگ آفيسر ڊاڪٽر نديم مير بدر ۽ اي اي پي ٽاسڪ فورس جي نيوٽريشن ڪنسلٽنٽ ڊاڪٽر جان بدر پروگرام جي تعريف ڪئي ۽ يورپي يونين جي سهڪار سان ڪيل ڪوششن کي ساراهيو.
انٽرنيشنل ريسڪيو ڪميٽي جي پروگرام ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر رنومل لوهاڻو نيٽ ورڪنگ ۽ گڏيل ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن سنڌ ۾ غذائي کوٽ جي مسئلن کي اثرائتي طريقي سان حل ڪري سگهجي، هن پاليسي ايڊووڪيسي، سماجي رويي ۾ تبديلي ۽ سهولت تي ٻڌل غذائي خدمتن جي اهميت تي به روشني وڌي.
اهو پروگرام ٻن سالن جي منصوبي جو حصو آهي، جنهن تحت سنڌ جي 5 متاثر ضلعن (ڪشمور، گهوٽڪي، سکر، خيرپور ۽ نوشهري فيروز) ۾ غذائي علاج کي بهتر بڻايو پيو وڃي ۽ غذائيت جي پروگرامن جي ڪميونٽي تائين پهچ ئي وڌايو پيو وڃي، ان منصوبي تي 245000 عورتن ۽ 415000 ٻارن کي غذائي مدد فراهم ڪئي پئي وڃي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version