اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو آهي ته رياست کي تسليم ڪندڙن سان ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون، اسان کي اڳتي ڇا ڪرڻو آهي، اهو گڏجي سوچڻ گهرجي.
سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته جبلن تي چڙهي شهرين کي قتل ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيندي، بلوچستان تي حملو ڪندڙن کي ٻاهران پئسو ملي رهيو آهي، ڪجهه ماڻهن کي استعمال ڪري هڪ صوبي ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
هن چيو ته اسان ڊائلاگ جي نالي تي وڏي غلطي ڪئي، جيڪي ماڻهو رياست کي تسليم ڪن ٿا، انهن سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن، ٻين جي ايجنسين کان پئسا وٺي ماڻهن کي ماريو پيو وڃي، اسان کي ملڪ ۾ امن واپس آڻڻو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان جي قدمن کي ريورس ڪيو ويو، جيل ۾ موجود دهشتگردن کي ڇڏيو ويو، تجويز ڏيو اسان ڇا ڪيون؟ تشدد جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، توهان آئين، قانون ۽ ملڪ جي جهنڊي کي تسليم ڪيو ته ڳالهيون ٿينديون.
”ڊائلاگ جي نالي تي وڏي غلطي ڪئي سين، رڳو رياست تسليم ڪندڙن سان ڳالهيون ٿينديون“
Previous Articleلاهور ۾ 5 نوان تعلقا قائم