اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيٽروليم واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪجهه ماڻهو ملڪ ۾ مايوسي ۽ نااميدي پکيڙي رهيا آهن، اهي ڪڏهن ڌرڻن ۽ ڪڏهن ڀڃ ڊاهه جون ڳالهيون ڪن ٿا، انهن جو مقصد ملڪ ۾ آئيني بحران پيدا ڪرڻ ۽ ترقي ۽ آبادي بدران بربادي پکيڙڻ آهي.

مصدق ملڪ چيو ته نوجوانن جي منزل جي رستي ۾ ڪجهه ماڻهو رنڊڪ آهن، هي اهي ماڻهو آهن جيڪي ملڪ کي ترقي ڪندي نٿا ڏسي سگهن، سائفر ڦڙڪائي آمريڪا سان جنگ جو اعلان ڪري اتان جو لابسٽ هائر ڪيو ويو.

هن هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنهن جو نالو وٺڻ کانسواءِ دعوت ڏني ته فساد نه ڪريو، اڄ به دعوت ڏيون ٿا، گڏجي ويهي ملڪ کي هلائڻ ڏيو.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version