نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پرنسپال جي غير اخلاقي حرڪتن کان تنگ شاگردياڻين انصاف جي فراهمي لاءِ وڏي وزير کي پنهنجي رت سان خط لکي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب اتر پرديش جي غازي آباد ضلعي ۾ اسڪول جي شاگردياڻين پنهنجي پرنسپال تي سنگين الزام هڻندي سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
شاگردياڻين موجب پرنسپال ڇوڪرين سان غير اخلاقي حرڪتون ڪندو آهي، انهن مجبور ٿي وڏي وزير يوگي آدتيه ناٿ کي پنهنجي رت سان خط لکيو آهي، جنهن ۾ هنن پنهنجي پريشاني جو سمورو احوال ٻڌايو آهي.
خط جي متن ۾ ڇوڪرين لکيو آهي ته اسان آدرش هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ پڙهنديون آهيون، اسڪول پرنسپال راجيو پانڊي ڇوڪرين کي پنهنجي آفيس ۾ گهرائيندو آهي ۽ انهن سان نازيبا حرڪتون ڪندو آهي، هو ڪنهن کي دانهن ڏيڻ جي صورت ۾ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون به ڏيندو آهي، کوڙ ڇوڪريون ان ڪري خاموش رهنديون آهن.
شاگردياڻين موجب اسان والدين کي دانهن ڪئي ته اهي عورت ڪونسل پرموش يادو سان گڏ اسڪول ويا ۽ مئنيجر سان ڳالهايو، والدين جي اعتراض تي پرنسپال ڪاوڙجي پيو ۽ گارگند ڪيائين، جهيڙو وڌڻ تي والدين پرنسپال کي مارڪٽ ڪئي.
ان کانپوءِ ٻارڙين جي والدين پوليس کي معاملي کان آگاهه ڪيو، جنهن ابتو ڇوڪرين ۽ انهن جي والدين کي ڇنڊ پٽي ۽ کين 4 ڪلاڪن تائين ٿاڻي ۾ ويهاري ڇڏيو، پوليس ڇوڪرين جي گهر وڃي به ڌمڪيون ڏنيون.
اي سي پي سلوني اگروال موجب ڇوڪرين جي شڪايت جي بنياد تي فوري طور پرنسپال خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جاچ به شروع ڪئي وئي آهي.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version