اسان جي ملڪ جي هر انساني دماغ ۾ اها ڳالهه ويهاري وئي آهي ته ڀارت تي ايٽم بم ڪيرائي ڇڏجي، ڀارت ٿيندو ڪير آهي اسان جي خلاف ڳالهائڻ وارو، پر کين اهو ڪير سمجهائي ته اهو خيال ڪرڻ ۾ چريائپ آهي، عوام، سياستدانن ۽ جرنيلن جي ذهن ۾ اها سڀ کان وڏي غلط فهمي آهي ته جنگ سان ئي مسئلا حل ٿي ويندا آهن، جڏهن ملڪ تڪرارن ۾ ڦاٿل هوندا آهن ته انهن جو حل صرف ڳالهيون هونديون آهن، پر اسان وٽ عوام کي ورغلائي چيو ويندو آهي ته جنگ ٿيڻ گهرجي، اها ئي سمورن مسئلن جو واحد حل آهي، ٻڌايو ڇا ڪڏهن جنگ ذريعي مسئلا حل ٿيا آهن؟ .

 گذريل سال ورلڊ ٽي ٽوئنٽي مقابلن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جون ڪرڪيٽ ٽيمون آسٽريليا جي سرزمين تي اڄ هڪٻئي خلاف آمهون سامهون ٿيون ان دوران بي سي سي آءِ جي صدر پنهنجي ٽيم ايندڙ سال پاڪستان ۾ شيڊول ايشيا ڪپ لاءِ نه موڪلڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان جي ردعمل ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي بيان اهڙي ماحول کي وڌيڪ هٿي ڏني. ڪرڪيٽ سدائين ٻنهي ملڪن جي ويجهو آڻڻ انتهائي ڪارائتو ڪردار ادا ڪيو آهي پر هاڻ ان مٿان پڻ به غيريقيني واري تلوار ٽنگيل آهي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ڇنڇر جي ڏينهن ( اڄ ) پاليڪيلي جي ميدان تي ميچ شيڊول آهي، ٻنهي ملڪن جي ڇڪتاڻ وارن لاڳاپن سبب ڪرڪيٽ سدائين ڏکيائين جو شڪار رهندي آئي آهي، ست ڏهاڪن تي ٻڌل پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ لاڳاپا ٻنهي ملڪن وچ ۾ سٺن لاڳاپن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

پر هيءَ راند شروع کان ئي سياست جو شڪار به رهي آهي، ان جو مثال ٻنهي ملڪن وچ ۾ سال 1960ع وٺي سال 1978ع جي 18 ورهين تائين ڪرڪيٽ رابطن ۾ ماٺار آهي. ان کانپوءِ سال 1987 کان سال 1999ع تائين ٽيسٽ سيريز ۾ وقفو رهيو ۽ موجودا ماٺار سال 2008ع ۾ ٿيندڙ ممبئي حملن کانپوءِ برقرار آهي.

ڀارت ۾ اهو تاثر سدائين رهيو آهي ته ورهاڱي جي ذميوار ملڪ سان ڪنهن به قسم جا لاڳاپا نه رکيا وڃن ۽، پاڪستان جي ڪرڪيٽ جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان کي سدائين فوجي قومپرستي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، خاص طور تي جڏهن مخالف ٽيم ڀارت هجي. پاڪستان ٽيم کان مذهبي مشن به ڪم ورتو ويندو آهي، مثال طور سال 2007 ۾ شعيب ملڪ جو اهو بيان جنهن ۾ هن ٽيم جي حمايت ڪرڻ تي سڄي دنيا جي مسلمان جو ٿورا مڃيا هئا.

ننڍي کنڊ جا هي ٻه ملڪ جنهن جا فوجي تسلسل سان گڏ هڪ ٻئي تي گوليون وسائيندا آهن، جتي سرحدي ڇڪتان جنگ ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ۽ جتي ڪرڪيٽ ميچ جا نتيجي سان ڪنٽرول لائين تي فوج کي فائرنگ ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو آهي.

انهن سڀني ڳالهين کان وڌيڪ هي اهو خطو آهي جتي پاڪستان تي اهو الزام لڳندو آهي ته هو مبينا طور ڀارت ۾ دهشتگردي پکيڙي رهيو آهي ۽ وري پاڪستاني عوام جي نظر ۾ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ مسلمانن سان جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي ان لاءِ ان کي سبق سيکارڻ لاءِ اها اخلاقي ذميواري آهي ته کين ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ بڇڙو ڪيو وڃي.

سڄي دنيا ۾ ڪرڪيٽ جا اهڙا مخالف اوهان کي ڪنهن ٻئي هنڌ نظر نه ايندا، جن جا پاڻ ۾ اهڙي قسم جي معاملا هجن. اهڙي قسم جي پسمنظر سان گڏ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ ٿيندڙ مقابلن مان اميد ڪئي ويندي آهي ته اهي رڳو راند تائين محدود رهن ۽ ڪرڪيٽ پاڪستان ۽ ڀارت جي ڪيئي موقعن تي ويجهو پڻ آندو آهي، سال 1999 جي عالمي ڪپ ۾ ٻئي ٽيمون هڪٻئي جي آمهون سامهون هيون ان وقت ڪشمير ۾ گارگل واري هنڌ تي ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ جاري هئي، جڏهن ڀارت سال 2003ع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو ته گذريل پنج ڏهاڪن دوران پهريون ڀيرو پاڪستان هزارين ڀارتين کي ڪرڪيٽ ويزائون جاري ڪيون هيون ۽ عام پاڪستانين طرفان ڀارتي شهرين جي جي گرم جوشي سان آڌرڀاءُ ڪيو ويو هو، ان دوران لاهور ۽ ڪراچي ۾ ڀارتي مهمانن کي مفت سفر، رعايتي کاڌا ۽ خريداري ۾ رعايت سميت سندس تمام گهڻي مهمان نوازي ڪئي وئي هئي. پر رڳو پنج ورهين جي وٿي بعد ممبئي ۾ ڀوائتا حملا ٿيا ۽ جنوري 2009 ۾ ڀارت پاڪستان جو رٿيل دورو نه ڪري سگهي. انکانپواءِ آءِ سي سي ايونٽن ۽ ايشيا ڪپ کانسواءِ سال ٻه هزار ٻارنهن واري سيريز بعد ٻنهي ملڪن ۾ ڪرڪيٽ رابطا بحال ناهن ٿي سگهيا ۽ سياست راند تي ايترو ته حاوي ٿي وئي آءِ پي ايل جي پهرين ايڊيشن کانپوءِ پاڪستاني رانديگرن لاءِ ليگ جا دروزا سدائين لاءِ بند ڪيا ويا.

ورهاڱي کان هنيئر تائين جنگ، شدت پسندي، دهشتگردي ۽ ايستائين ايٽمي هٿيارن جي خطرن بابت ڳالهيون ٿينديون رهيون آهن، ڀارت طرفان سدائين اهو الزام مڙهيو ويو آهي ته ڀارت هڪ اهڙي ملڪ سان ڪرڪيٽ ڪيئن کيڏي سگهي ٿو جيڪو ان خلاف سدائين دهشتگردي جي حمايت ڪندو رهيو آهي. حڪمران جماعت بي جي پي جا ڪيئي پارليامنٽ ميمبر ۽ هندو انتها پسند جماعت شيو سينا پاڪستان سان ڪنهن به قسم جي لاڳاپا رکڻ جي مخالف ڪندا رهيا آهن. پر کين اهو ڪير سمجهائي ته ڪرڪيٽ هڪ راند آهي جنهن کي راند جيئن ئي ڏسڻ گهرجي ڪرڪيٽ ۾ ٻئي ٽيمون پنهنجي ملڪن جي نمائندگي ڪن ٿيون، رانديون ته محبتن جو پيغام هونديون آهن نه ڪي جنگن جو اعلان، اسان سرحدي ڇڪتاڻن ۾ فوجي جوانن جي موت تي مائرن جي جهوليون اجڙندي نٿا ڏسڻ چاهيون اسان مهيندرسنگهه ڌوني جي هنج ۾ سرفراز احمد جي پٽ جون تصويرون ڏسڻ چاهيون ٿا اسان کي جوانن جي هٿن ۾ بندوقن واري روش بدران ويرات ڪوهلي پاران محمد عامر کي گفٽ ڪيل بيٽ واري عمل ساراهڻ گهرجي، اسان کي خوش ٿيڻ گهرجي بابر اعظم جي سالگرهه تي روهت جي شرڪت تي ۽ اسان کي سکڻ گهرجي رشڀ پانت ۾ ته ڪيئن هو زخمي شاهين کان سندس چڱ ڀلائي معلوم ڪرڻ لاءِ وٽن لڙي آيو هو يا وري تازو ويرات ڪوهلي جي پاڪستاني رانديگرن سان وائرل ٿيندڙ تصويرون جنهن ۾ ٻنهي رانديگرن جي مُرڪ امن جو پيغام ڏئي رهي آهي.

انڪري ٻنهي ٽيمن مٿان ٻي ڪنهن قومي جدوجهد جو ٻوجهه گهٽايو وڃي ڪرڪيٽ امن جي پيغام لاءِ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويڇا گهٽائڻ لاءِ اهم ثابت ٿي سگهي ٿي، ٻنهي ملڪن کي مختلف محاذن تي لاڳاپا بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ اسان کي عوام جي عوام سان سڌي سنئين لاڳاپن جي حمايت ڪرڻ گهرجي ته جيئن عسڪري ۽ مذهبي ٺيڪدارن جي سازشن کي ناڪام بڻائي سگهجي. ڪرڪيٽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جو جو رستو آهي، ڪرڪيٽ پهريان به ۽ هاڻي به اهڙو هٿيار بڻجي سگهي ٿي، جنهن ذريعي سان پاليسيون ٺاهڻ وارا عام ماڻهن لاءِ وسيع پيغام موڪلي سهگن ٿا . ته پوءِ گهڻو نه سوچيو ۽ اڄ ٿيندڙ مئچ ۾ سڀ نفرتو پاسي رکي محبتن کي مان ڏيو.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version