ڪينڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي ميزباني ۾ سريلنڪا ۾ جاري ايشياڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ سڀاڻي رٿيل وڏي ميچ جي برسات سبب متاثر ٿيڻ جو خطرو آهي.
سريلنڪا جي پاليڪيلي اسٽيڊيم ۾ شيڊيولڊ پاڪ-ڀارت ميچ دوران برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي پر هاڻي برسات جا امڪان گهٽجي ويا آهن.
ان کان اڳ ڪينڊي ۾ پاڪ-ڀارت ميچ دوران برسات جو امڪان اسي سيڪڙو ٻڌايو ويو هو جيڪو هاڻي گهٽجي 67 سيڪڙو رهجي ويو آهي.
ٻئي پاسي ويدر مين نووديپ ڌيا نالي صارف ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ ڪينڊي جا موسمياتي انگ اکر شيئر ڪندي پاڪ-ڀارت ميچ ٿيڻ جي اميد جاڳائي ڇڏي آهي.
ويدرمين نووديپ موجب، ٻه سپٽيمبر تي ڪينڊي ۾ آسمان جهڙالو رهندو، جڏهن ته ڏهه کان ويهه ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون به گهلنديون، جڏهن ته هلڪي يا وچولي درجي جي برسات جو امڪان به موجود آهي پر ڏينهن جي وقت ۾ 4 کان 5 وڳي تائين تيز برسات به ٿي سگهي ٿي.
نووديپ موجب، موسمياتي انگ اکر ٻڌائين ٿا ته پنج وڳي کانپوءِ پروجيڪشن موجب، تيز برسات جا امڪان گهٽجي ويندا تنهنڪري ايشيا ڪپ دوران پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ آهن.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن منجهند 12 وڳي کان شام 4 وڳي تائين تيز برسات ٿي تڏهن به ميچ جي متاثر ٿيڻ جا امڪان رڳو ٽيهه سيڪڙو آهن .