اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سيڪيورٽي فورسز پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان پاڪستان لاءِ ڀتو وٺندڙ سرگرم گروهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جنهن جاچ دوران ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، گرفتار جوابدارن ٽي ٽي پي جي ڀتي وٺڻ جي طريقيڪار بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ميمبرن ڪالعدم ٽي ٽي پي کي ڀتا خور ۾ مدد فراهم ڪري رهيا هئا، جوابدارن ٽي ٽي پي جي ڪمانڊرز جي افغانستان ۾ موجودگي جي به تصديق ڪئي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، جوابدارن ٻڌايو ته افغانستان ۾ موجود ڪالعدم ٽي ٽي پي ڪمانڊر عبدالرزاق اسان کي واٽس ايپ ذريعي هدايتون ڏيندو هو.
جوابدارن اعتراف ڪيو ته ڪالعدم ٽي ٽي پي جو ڪمانڊر ماڻهن ۽ دڪانن جون وڊيوز گهرائي کين ڀتي لاءِ افغانستان مان ڪال ڪندو هو، ڀتو نه ملڻ يا دير جي صورت ۾ ماڻهن کي موتمار ڌمڪيون يا اغوا جون ڌمڪيون ڏيندو هو.

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version