مشهور سوشل ميڊيا ايپليڪيشن ٽِڪ ٽاڪ جي هڪ وائرل چئلينج مبينا طور نوجوان جي زندگي کسي ورتي.

پرڏيهي ميڊيا موجب، جمعي جي ڏينهن آمريڪي رياست ميسا چوسٽس سان تعلق رکندڙ 14 ورهين جي نوجوان هير وولوبا ٽِڪ ٽاڪ جو ٽرينڊ ”وَن چِپ چئلينج“ پورو ڪرڻ کانپوءِ لاڏاڻو ڪري ويو.

وَن چِپ چئلينج حقيقت ۾ ٽِڪ ٽاڪ هڪ نئون  ٽرينڊنگ چئلينج آهي جنهن ۾ واهيپدارن کي تيز مصالحن واري Tortilla  چِپس پاڻي پيئڻ بنا کائڻي هوندي ۽ ان سان گڏوگڏ وڊيو به ٺاهي پوندي آهي.

هيرس جي ماءُ موجب، پٽ اسڪول ۾ تيز مصالحي واري چپس کاڌي جنهنڪري پهريان کيس پيٽ ۾ سور پيو ۽ هو گهر موٽي آهي، ٿوري دير بعد هو جڏهن دوستن سان باسڪٽ بال کيڏڻ لاءِ ٻاهر وڃڻ لڳو ته بهوش ٿي پٽ تي ڪِري پيو.

سندس چوڻ هو ته بهوش ٿيڻ کانپوءِ پٽ کي ويجهي اسپتال نيو ويو، پر هن رستي ۾ ئي دم ڏئي ڇڏيو.

رپورٽ موجب، نوجوان جي موت جو اصل ڪارڻ سامهون ناهي ناهي آيو ، پوسٽ مارٽم رپورٽ کانپوءِ ئي صورتحال واضه ٿيندي، جڏهن ته نوجوان جي ماءُ جي دعويٰ آهي ته پٽ جو موت مصالحي دار چِپس کائڻ سبب ٿيو آهي.

ياد رهي ته چِپس ٺاهڻ واري ڪمپني پهريان ئي پنهنجي ويب سائيٽ تي هڪ وارننگ جاري ڪئي آهي جنهن موجب، چِپس کائڻ سان طبي مسئلا پيدا ٿي سگهن ٿا

Share.
Leave A Reply

Exit mobile version