اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي واري نگران وفاقي وزير محمد علي چيو ته گئس اگهن ۾ واڌ اڻٽر ٿي وئي آهي، ان حوالي سان ڪم جاري آهي.
پاور سيڪٽر جي حوالي سان بريفنگ کانپوءِ ڳالهائيندي محمد علي چيو ته گئس اگهن ۾ واڌ جي حوالي سان ڪم جاري آهي، گئس جي شعبي ۾ روز هڪ ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، گئس شعبي جو گردشي قرض 28 کان 29 ارب رپيا آهي، تنهن ڪري بهتري لاءِ اگهن ۾ واڌ اڻٽر آهي.
هن چيو ته اگهن ۾ واڌ لاءِ 60 سيڪڙو واهپيدارن کي پروٽيڪٽ رکيو ويندو، ڪوشش آهي ته غريب واهپيدارن تي 500 کان وڌيڪ جو بار نه پئي، امير طبقي لاءِ گئس اگهن ۾ واڌ گهڻي ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته پيٽروليم شين جي اگهن بابت فيصلو 30 سيپٽمبر تي ٿيندو، گهٽتائي بابت ڪجهه به چوڻ وقت اڳ کان آهي، ڊالر جو اگهه گهٽجندو رهيو ته هاڪاري اڳڀرائي جي اميد آهي، عالمي صورتحال کي به ڏٺو ويندو آهي.
نگران حڪومت عوام تي نئون مهانگائي بم ڪيرائڻ جي تيارين جي تصديق ڪري ڇڏي
Previous Articleخيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا